اسلام آباد – 27 – ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف ساهيوا?? مان مسلم ليگ (ن) جي قومي اسيمبلي ميمبر محمد اشرف جي گرفتاري جي سخت مذمت ڪندي چيو آهي ته اها گرفتاري سياسي انتقام آهي، اينٽي ڪرپشن پنجاب کي ??ياسي مخالفن جي خلاف استعمال ڪرڻ انتهائي افسوسناڪ آهي. وزيراعظم آفيس جي پريس ونگ پاران جاري بيان ۾ وزيراعظم ??يو ته عمران خان جي چوڻ تي اينٽي ڪرپشن پنجاب کي ??ياسي انتقام جي لاءِ استعمال ڪيو پيو وڃي، پي ٽي آءِ اڄ به بدترين سياسي انتقام جي پنهنجي منفي روش تي ڪ??رب??د آهي، چار سال توهان اهو سڀ ڪجهه ڪري ڏسي چڪا آهيو، سياسي انتقام جو ملڪ ۽ عوام کي ناقابل تلافي نقصان ٿيو. هن چيو ته نيب، ايف آءِ اي وانگر هاڻي اينٽي ڪرپشن پنجاب کي ??ياسي مخالفن جي سياسي استعمال ڪرڻ انتهائي افسوسناڪ ۽ قابل مذمت آهي، سياسي انتقام سان مخالفن کي ڌمڪائڻ بدران عوامي مسئلن تي ڌيان ڏيڻ جي ضرورت آهي. وزيراعظم ??رفتار قومي اسيمبلي ميمبر محمد اشرف سان يڪجهتي جو اظهار ڪيو.