اسلام آباد – 02 – جنوري (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي مختلف واقعن ۾ شهيد ٿيندڙ پاڪ فوج جي جوانن جي وارثن سا?? ٽيليفون تي تعزيت جو اظهار ڪيو، هن چيو ته ملڪ کي دهشتگردي جي لعنت کان پاڪ ڪرڻ جي لاءِ شهيدن جون قربانيون رائيگان نه وينديون. ايوان صدر جي پريس ونگ موجب صدر مختلف واقعن ۾ شهيد ٿيندڙ پاڪ فوج جي جوانن جي وارثن سا?? ٽيليفون تي تعزيت جو اظهار ڪيو. صدر 31 ڊسمبر تي جاني خيل بنون ۾ شهيد ٿيندڙ سپاهي م??مد وسيم جي والد سا?? فون تي افسوس جو اظهار ڪيو، شهيد جي والد صدر کي چيو ته ٽي پٽ فوج ۾ آهن ۽ قرباني جي لاءِ تيار آهن. صدر ڊاڪٽر عارف علوي ملڪ جي لاءِ شهيد جي قرباني ۽ والد جي حب الوطني جي جذبي کي ساراهيو. صدر 29 ڊسمبر تي ڪرم ايجنسي ۾ شهيد ٿيندڙ صوبيدار شجاع م??مد جي ڀاءُ م??مد اشرف سا?? ڳالهه ٻولهه ڪئي، صدر سپاهي عبدالرحمان جي ڀاءُ گوهر ياسين سا?? ٽيليفون تي رابطو ڪيو، شهيد جي ڀاءُ صدر سا?? ڳالهائيندي چيو ته اسان سڀ پاڪستان تي قربان، 10 ڀاءُ هجون ها تڏهن به شهادت جي لاءِ تيار هجون ها. صدر نائيڪ م??مد رمضان جي چاچي سا?? به ٽيليفون تي ڳالهه ٻولهه ڪئي ۽ شهيد جي درجن جي بلندي لاءِ دعا ??ئي. صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته ملڪ کي دهشتگردي جي لعنت کان پاڪ ڪرڻ جي لاءِ شهيدن جون قربانيون رائيگان نه وينديون. هن شهيدن کي خراج عقيدت پيش ڪيو، وارثن سا?? همدردي جو اظهار ڪيو ۽ انهن جي صبر جم??ل جي لاءِ دعا ??ئي.