بالي – 08 – ڊسمبر (اي پي پي) پاڪستان ۽ انڊونيشيا جي پرڏيهي وزيرن گڏيل وزارتي ڪميشن قائم ڪرڻ بابت مفاهمت جي هڪ ياداشت تي ص??يح??ن ڪيون جن??ن جو مقصد ٻطرفن رابطن ۽ تعاون کي اڳتي وڌائڻ آهي. پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري ۽ ان جي انڊونيشين هم منصب ريتنو مارسودي بالي ۾ ملاقات دوران دستاويزن تي ص??يح??ن ڪيون. ٻنهي پرڏيهي وزيرن ٻطرفن لاڳاپن جو جائزو ??رتو، علائقائي ۽ عالمي صورتحال تي خيالن جي ڏي و?? ڪئي ۽ ڳالهه ٻولهه جاري رکڻ تي اتفاق ڪيو. ٻئي طرف پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري بوسنيا هرزيگوينا جي پرڏيهي وزير ڊاڪٽر بسيرا ترڪوڪ سان پڻ ملاقات ڪئي ۽ اعليٰ سطحي جي مٽاسٽا، واپار ۽ ٻطرفي تعاون جي طريقيڪار جي ذر??عي گڏيل تعاون تي خيالن جي ڏي و?? ڪئي. هنن انهن شعبن ۾ ٻطرفي تعاون جي سگهه وڌائڻ تي اتفاق ڪيو جن??ن جا ٺوس نتيجا نڪرندا.