نيويارڪ – 24 – سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي 77 هين اجلاس جي اعليٰ سطحي مباحثي ۾ شرڪت کانپوءِ آمريڪا کان لنڊن روانو ٿي ويو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب گڏيل قومن ۾ پاڪستان جي سف??ر منير اڪرم، آمريڪا ۾ پاڪستان جي سف??ر مسعود خان، قونصل جنرل عائشه علي ۽ ٻين اعليٰ عملدارن وزيراعظم کي الوداع ڪيو. وزيراعظم 20 کان 26 سيپٽمبر تائين جاري گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي اجلاس کي اهم خطاب ڪيو. ان کانسواءِ آمريڪي صدر جو بائيڊن سميت سڄي دنيا جي مملڪتي س??براهن سان ملاقاتون پڻ ڪيون. هن جنرل اسيمبلي جي صدر سي س??با ڪوروسي، گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل انتونيو گوتريس، آءِ ايف آئي??، عالمي ادارن ۽ عطيو ڪندڙ تنظيمن جي س??براهن سان پڻ ملاقاتون ڪيون. وزيراع??م سان اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وز??ر مريم اورنگزيب، خاص معاون طارق فاطمي ۽ احد چيما پ?? گڏ هئا.