اسلام آباد – 26 – سيپٽمبر (اي پي پي) پاڪستان جي تباهي آڻيندڙ ٻوڏ متاثرين جي لاءِ ٻاهرئين ملڪ مان امدادي سامان جي آمد جو ??لسلو جاري آهي، گڏيل عرب امارات مان امدادي سامان کڻي هڪ سامونڊي جهاز گذريل ڏينهن ڪراچي پورٽ په??ي ويو. پرڏيهي آفيس موجب جهاز ۾ پاڪستان ۾ تباهي آڻيندڙ ٻوڏ کان متاثر ماڻهن جي لاءِ امدادي سامان جا 30 ڪنٽينرز موجود آهن. ترجمان چيو ته پاڪستان گڏيل عرب امارات پاران ٻوڏ متاثرين جي لاءِ انساني امداد جي گرمجوشي ۽ ٿورن سان آجيان ڪري ٿو.