اسلام آباد – 29 – آگسٽ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي سان خادم الحرمين الشريفين شاهه سلمان بن عبدالعزيز ۽ سعودي عرب جي ولي عهد شهزاده محمد بن سلمان پاڪستان جي مختلف علائقن ۾ ٻوڏ جي نتيجي ۾ ٿيندڙ جاني نقصان تي تعزيت ۽ همدرديءَ جو اظهار ڪيو آهي. ايوان صدر جي پريس ونگ ۽ سعودي عرب جي پرڏي??ي وزارت جي هڪ ٽوئيٽ موجب شاهه سلمان بن عبدالعزيز صدر کي ٻوڏ سبب ٿيندڙ المناڪ جاني نقصان تي تعزيت جو هڪ پيغام م??ڪل??و آهي جنهن ۾ خادم الحرمين الشريفين صدر، فوت ٿيندڙن جي گهرڀاتين ۽ پاڪستاني عوام سان تعزيت ڪئي آهي. هن زخمين جي جلد صحتيابي جي دعا ڪندي چيو ته اسان آزمائش جي هن گهڙيءَ ۾ توهان سان گڏ آهيون. سعودي عرب جي ولي عهد ۽ نا??ب وزيراعظم شهزاده محمد بن سلمان پڻ صدر کي اهڙو ئي پيغام م??ڪل??و آهي جنهن ۾ ه?? چيو ته سعودي عرب ان افسوسناڪ صورتحال ۾ پاڪستان سان گڏ بيٺل آهي. سعودي ولي عهد صدر ۽ فوت ٿيندڙن جي گهرڀاتين سان پنهنجي گهري ڏک ۽ دلي همدردي جو اظهار ڪيو. هن فوت ٿيندڙن جي مغفرت جي لاءِ دعا ۽ زخمين جي جلد صحتيابي لاءِ دعا پڻ ڪئي.