ڪراچي – 10 – آگسٽ (اي پي پي) ڪمشنر ڪراچي محمد اقبال ميمڻ چيو آهي ته بئنڪ اسلامي جي تعاون سان ڪمشنر جي نگراني هيٺ منعقد ٿيندڙ پلاٽينم جوبلي پاڪستان آزادي ڏهاڙي فيسٽيول ۾ ڪراچي جي اسڪولن جي وچ ۾ تعليم کاتي جي ح??يداري س??ن مختلف مقابلا جنهن ۾ تقريري، نعت ۽ ملي نغمن جا مقابلا شامل آهن منعقد ڪيا و??ندا. اهو فيصلو ڪمشنر آفيس ۾ سندس صدارت ۾ ٿيندڙ ا??لاس ۾ ڪيو ويو. اجلاس ۾ ايڊيشنل ڊائريڪٽر اسڪولز فرناز رياض، رجسٽرار قاضي عبدالرزاق، اسسٽنٽ ڪمشنر جنرل عابد قمر شيخ، ڪوآرڊينيٽر غلام محمد خان ۽ محمد اخلاق شرڪت ڪئي. ان موقعي تي ڪمشنر ڪراچي محمد اقبال ميمڻ چيو ته سنڌ جي وڏي وزير ۽ چيف سيڪريٽري جي س??براهي ۾ ڪمشنر آفيس انهن تقريبن جو شاندار انداز ۾ اهتمام ڪيو آهي ۽ پورو شهرن ان سان ڳنڍيل آهي جنهن ۾ بئنڪ اسلامي تمام وڏو ڪردار ادا ڪيو آهي. هن چيو ته تعليم کاتي س??ائين ڪراچي جي انتظاميا سان ڀرپور حصيداري ڪئي آهي ۽ مون کي اميد آهي ته مٿي ڏنل ٽئي پروگرام ڀرپور انداز ۾ منعقد ٿيندا.