اسلام آباد – 12 – جون (اي پي پي) پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري جي هدايتن تي اڳ ۾ ئي پاڪستاني سفارتخانو زا??رين سان مڪمل رابطي ۾ آهي، اٽڪل 300 زا??رين شام ۾ ڦاٿل آهن، سمورن پاڪستانين جي وطن واپسي جي لاءِ انتظام مڪمل ڪيا ويا آهن، پاڪستاني سفارتخانو ۽ پاڪستان ??نٽرنيشنل ايئر لائينز (پي آءِ اي) عملدار به مڪمل رابطي ۾ آهن. شام ۾ فضائي آپريشن معطل ٿيڻ کانپوءِ ڦاٿل پاڪستانين جي وطن واپسي جي حوالي سان ميڊيا جي سوالن جي جواب ۾ پرڏيهي آفيس جي ترجمان پنهنجي بيان ۾ چيو ته (سڀاڻي) سومر 13 جون 2022ع تي 160 ماڻهو پي آءِ اي جي ذريعي ال??پو ايئرپورٽ (دمشق کان ??ٽڪل 150 ڪلوميٽر پري) کان پاڪستان وڃڻ جي لاءِ تيار آهن. پاڪستاني سفارتخاني دمشق کان ??ل??پو تائين مسافرن جي اچ وڃ جو بندوبست ڪيو آهي جڏهن ته باقي 140 زا??رين پاڻ عراق ويندا.