اسلام آباد – 08 – جون (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف پاڪ برطانيا ڪرڪيٽ سيريز ۾ پاڪستان جي کٽڻ جي اڳڪٿي ڪندي چيو آهي ته 17 سا??ن کانپوءِ برطانيا جي ڪرڪيٽ ٽيم پاڪستان اچي رهي آهي، آئون توهان کي اڳواٽ ٻڌائي رهيو آهيان ته اسان کٽينداسين. برٽش هاءِ ڪميشن ۾ ??لڪ?? برطانيا جي تاج پوشي جي 75 سال مڪمل ٿيڻ جي حوالي سان منعقد تقريب کي خطاب ڪندي وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو ته برطانيا جي ڪرڪيٽ ٽيم 17 سا??ن کانپوءِ پاڪستان اچي رهي آهي ۽ آئون توهان کي اڳواٽ ٻڌائي رهيو آهيان ته اسان کٽينداسين. پاڪ برطاني?? لاڳاپن جي استحڪام ۾ برطانوي ه??ءِ ڪمشنر جو ڪردار ساراهه جوڳو آهي، هن پاڪستان ۽ برطانيا جي عوام کي هڪ ٻئي جي ويجهو آڻڻ ۾ ڀرپور ڪردار ادا ڪيو آهي، ٻنهي ??لڪ?? جا تاريخي لاڳاپا آهن، انهن لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ ۽ انهن دوستاڻن لاڳاپن کي واپاري ۽ سيڙپڪاري رابطن ۾ تبديل ڪرڻ ۾ تعاون ڪنداسين.