اسلام آباد – 20 – مئي (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته فوج، عدليه ۽ ٻي?? اهم رياستي ادارن کي بدنام ڪرڻ آئين جي خلاف آهي، ان جي هر گز اجازت نٿي ڏئي سگهجي، پاڪستان تحريڪ انصاف جي چئن سالن جي حڪومت جي دور ۾ جعلي ٽوئيٽر هينڊلرز، يوٽيوبرز ۽ بلاگزر جي ذريعي رياستي ادارن جي خلاف هڪ منظم مهم هلائي وئي جنهن جا تفصيل جل?? ئي ايوان ۾ پيش ڪنداسين. قومي اسيمبلي ۾ طاهره اورنگزيب جي سوال جي جواب ۾ اطلاعات ۽ نشريات وري وزير مريم اورنگزيب چيو ته 2004ع کان بجلي جي بلن ۾ پي ٽي وي لائسنس فيس وصول ڪئي پئي وڃي، ا??و سڄو عمل وڏي شفاف انداز ۾ مڪمل ڪيو ويندو آهي، پيسڪو ۽ ڪي اليڪٽرڪ 18 -2017ع کان 22 -2021ع گذريل 5 سالن دوران مجموعي طور تي 5 ارب 94 ڪروڙ 35 لک 39 هزار 147 روپيا بجلي جي بلن جي ذريعي ٽي وي لائسنس فيس جي مُد ۾ وصول ڪيا ويا، هڪ ٻي سوال جي جواب ۾ اطلاعات ۽ نشريات واري وزير چيو ته جڏهن به اخلاقيات جي ابتڙ ڪو اشتهار هلندو آهي ته پيمرا سيڪشن 27 تحت نوٽيس وٺندي آهي، اهڙن اشتهارن تي ڏنڊ وڌو ويندو آهي ۽ بند ڪيا ويندا آهن، جيڪڏهن ايڊٽ ڪري درست ٿي سگهي ٿو ته ايئن به ڪيو ويندو آهي، هن چيو ته جيڪڏهن اطلاعات واري وزارت جي ڪنهن به اداري ۾ قاعدن جي ابتڙ ڀرتيون ٿيون آهن ته اسان ايندي ئي ايڪشن کنيو آهي، اسان اهڙن ماڻهن کي برطرف ڪري ڇڏيو آهي، پي ٽي وي ۾ سياسي ڀرتيون ڪيون وينديون آهن، اهڙي طرح جي ڀرتين سان ادارا تباهه ٿي ويندا آهن، هن چيو ته اطلاعات واري وزارت جي ماتحت ٻي?? ادارن ۾ جتي به اهڙي قاعدي جي خلاف ڀرتيون ٿيون آهن اسان ڪميٽي ٺاهي ان جو نوٽيس ورتو آهي، نور عالم خان جي سوال جي جواب ۾ اطلاعات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو ته پاڪستاني فوج، عدليه ۽ ٻي?? اهم رياستي آئيني ادارن کي بدنام ڪرڻ آئين جي خلاف قدم آهن، ان جي هرگز اجازت نٿي ڏئي سگهجي. پي ٽي اي سائبر ونگ 2016ع، ايف آءِ اي سائبر ونگ پيڪا کي ڊيل ڪندو آهي، اطلاعات واري وزارت ۾ پيمرا ريگوليٽ ڪندي آهي، پيمرا پهرين وارننگ ڏيندي آهي پوءِ به جيڪڏهن ڄاڻايل چئنل خلاف ورزي جو مرتڪب ٿيندو آهي ته پيمرا پنهنجي قانون تحت ڏنڊ وجهڻ يا چئنل بند ڪرڻ جو اختيار رکي ٿي، ٽوئيٽر جي ذريعي پاڪستان تحريڪ انصاف جي ذريعي ادارن کي نشانو بڻايو ويو، چئن سالن تائين جعلي ٽوئيٽرز اڪائونٽس، يوٽيوب ۽ بلاگر?? جي ذريعي رياستي ادارن جي خلاف مهم هلائي وئي جل?? ئي ان جا تفصيل ايوان ۾ پيش ڪنداسين.