اسلام آباد – 09 – مئ?? (اي پي پي) دفاع واري وفاقي وزير خواجه آصف چيو آهي ته ??سا?? جي حڪومت امپورٽيڊ نه آهي، عمران خان امپورٽيڊ آهي، عمران خان کي 50 لک گهرن جي تعمير، ٻاهران 200 ارب ڊالر کڻي قرضدارن کي منهن تي هڻڻ ۽ عوام جو ڏک درد ونڊڻ جي حوالي سان پنهنجي ڪارڪردگي جلسن ۾ عوام کي ٻڌائڻ گهرجي، عمران خان جو تڪبر ۽ پنهنجي ميمبرن ۽ اتحادين سان توهين آميز رويو سندس حڪومت ڪيرائڻ جي لاءِ ??سا?? جي لاءِ مددگار ثابت ٿيا، ??سا?? کي پارليامينٽ سميت سمورن آئيني ادارن جو وقار بحال رکڻو آهي. قومي اسيمبلي ۾ ڳالهائيندي خواجه آصف چيو ته ??سا?? جي آئيني ادارن واضح لفظن ۾ اها ڳالهه ڪئي آهي ته آئين ملڪ جي مقدس دستاويز آهي ۽ پارليامينٽ سميت سمورا ادارا پنهنجون آئيني ذميواريون انجام ڏيندا. هن چيو ته ??سا?? آئيني طريقي سان هڪ وزيراعظم کي هٽايو ڪنهن کي ڪو ٽيليفون نه آيو. خواجه آصف چيو ته عمران خان جو تڪبر ۽ پنهنجي ميمبرن، اتحادين سان توهين آميز رويو ??سا?? جي لاءِ مددگار ثابت ٿيا. هن چيو ته هن پنهنجي تقريرن ۾ پنهنجي ڪنهن ڪارنامي جو ذڪر نه ڪيو رڳو گاريون ڏئي رهيو آهي. عمران خان کي ٻڌائڻ گهرجي ها ته هن 50 لک گهر ٺاهيا آهن ۽ 200 ارب ڊالر کڻي قرضدارن جي منهن تي هنيا آهن. هن چيو ته عمران خان عوام جو ڪو ڏک ۽ درد ونڊيو آهي ته ان جو ذڪر ڪري. دفاع واري وفاقي وزير خواجه آصف چيو ته عمران خان جي وزيرن کنڊ، اٽو، دوائن ۽ ٽرانسفرز پوسٽنگ ۾ ڪمايون ڪيون آهن. هن چيو ته ??سا?? جو نئون چونڊيل وزيراعظم 14 کان 15 مهينن جي لاءِ آيو آهي، ڪو به قدم آئين ۽ قانون موجب کڻندو، سندس ڪو به قدم ذاتي پسند ۽ ناپسند تحت ??ه هوندو. هن چيو ته هي ايوان آئين تي عمل ڪرڻ چاهي ٿو. عمران خان رڪاوٽ بڻجڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي. ماضي ۾ اقتدار جي لاءِ مذهب ڪارڊ، آمريڪا مخالف، پاڪ ڀارت روايتي دشمني جا ڪارڊ استعمال ڪيا ويا. ان شخص اهي س??ورا ڪارڊ استعمال ڪيا آهن. پاڪستاني س??اسي تاريخ جو هي وڏو مير جعفر ۽ مير صادق آهي. پاڪ فوج ملڪي دفاع جي ضامن آهي. هن مذهب، سيا??ت ۽ اخلاق کي بگاڙيو. هن قومي س??امتي جي اداير ۾ ڏار وجهڻ جي ڪوشش ڪئي. خواجه آصف چيو ته هو جلسن جي لاءِ سرڪاري وسيلا استعمال ڪري رهيو آهي، ان کي نه ته شرم اچي ٿي نه حيا اچي ٿي. عمران خان ۽ سندس رشتيدارن ۽ ساٿين جي ڪرپشن جا داستان موجود آهن. انهن چوري جو مال ايمنسٽي اسڪيم ذريعي حلال ڪيو. ??سا?? کي پارليامينٽ سميت سمورن آئيني ادارن جو وقار بحال رکڻو آهي. پي ٽي آءِ وفاق ۽ پنجاب ۾ آئين جي خلاف ورزي ڪئي. مسجد نبوي ﷺ ۾ پي ٽي آءِ جي ڪارڪنن گاريون ڏنيون ??سا?? کي ايندڙ ڪجهه مهينن ۾ چار سال جي تباهي جو ازالو ڪرڻو پوندو. عمران خان اقتدار جي لاءِ منٿون ڪندو رهيو ۽ گاريون ڏيندو رهيو. ادارن جي ورڇ ۽ توهين ڪنهن صورت ۾ نه ٿيڻ گهرجي. سڀ گڏجي آئين ۽ آئيني ادارن جو دفاع ڪندا. عمران خان انا پر??ت ۽ بيماري آهي. اقتدار جو اچڻ وڃڻ عارضي شيءَ آهي. هي حڪومت امپورٽيڊ نه آهي، عمران خان امپورٽيڊ آهي. ??سا?? تي عداري جا ڪوڙا ڪيس ٺاهيا ويا، هي پاڪستان جي لاءِ سيڪيورٽي رسڪ آهي.