اسلام آباد – 09 – اپريل (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير فرخ حبيب شاهين ٿري ميزائيل جي ڪامياب ??جربي تي قوم کي مبارڪباد ڏني آهي. پنهنجي هڪ ٽوئيٽ ۾ فرخ حبيب چيو ته پاڪس??ان پنهنجي دفاع کي فتح نه ٿيڻ جوڳو بڻائي رهيو آهي. مملڪتي وزير چيو ته پنهنجي ميزائيل نظام کي ??ديد تبديلين موجب بڻايو پيو وڃي. هن چيو ته زمين کان زمين تائين ??ار ڪندڙ بيلسٽڪ ميزائيل شاهين ٿري جو تجربو هڪ وڏي ڪاميابي آهي.