اسلام آباد – 04 – اپريل (اي پي پي) پاڪستان تحريڪ انصاف جي و??ئيس چيئرمين شاهه محمود قريشي چيو آهي ته سپريم ڪورٽ جي پنج رڪني بينچ بي اعتمادي رٿ کي بنا ووٽنگ جي رد ڪرڻ تي پيدا ٿيندڙ صورتحال تي و??تل نوٽيس ڪيس کي ٻڌي رهي آهي، فل ڪورٽ جوڙڻ جو معاملو چيف جسٽس جو اختيار آهي. سپريم ڪورٽ ٻاهران صحافين سان ڳالهائيندي شاهه محمود قريشي چيو ته مخالف ڌر جي ڪجهه ميمبرن اعتراض ڪيو ته کين فل ڪورٽ بينچ گهرجي، اهو چيف جسٽس جو اختيار آهي ته فل ڪورٽ جوڙڻي آهي يا نه، هن چيو ته سپريم ڪورٽ جو پنج رڪني بينچ عدم اعتماد کي بنا ووٽنگ رد ڪرڻ تي پيدا ٿين??ڙ سياسي صورتحال تي و??تل نوٽيس ڪيس کي ٻڌي رهي آهي ته سپريم ڪورٽ ان ڪيس کي تفصيل سان ٻڌڻ چا??ي ٿي، مخالف ڌر کي عدليه جو احترام نظر ۾ رکڻ گهرجي. جهانگير ترين ۽ عل??م خان بابت پڇيل سوال هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته انهن بابت ڪجهه نٿو چوڻ چا??يان، ڌمڪي و??ري خط بابت پڇيل سوال جي جواب ۾ شاهه محمود قريشي چيو ته اهو حساس معاملو آهي هن وقت ڳالهه ڪرڻ مناسب نه آهي، جلد ان بابت به ٻڌايو ويندو.