اسلام آباد – 31 – مارچ (اي پي پي) قومي سلامتي ڪميٽي خط تي گهري ڳڻتي جو اظهار ۽ غير ملڪي عهديدارن پاران استعمال ڪيل زبان کي غير سفارتي قرار ڏيندي چيو آه?? ته خط پاڪستان جي اندرين معاملن ۾ کلي مداخلت جي برابر آه?? جيڪو ڪنهن به حالت ۾ ناقابل قبول آه??. ان تي باقاعده سفارتي ذريعن سان سخت احتجاج رڪارڊ ڪرايو ويندو وز??راعظم ??مران خان جي صدارت ۾ قومي سلامتي ڪميٽي جو 37 هون اجلاس وز??راعظم هائوس ۾ منعقد ٿيو، اجلاس ۾ دفاع، توانائي، اطلاعات ۽ نشريات، گهرو، ناڻي، انساني حقن، منصوبابندي جي وفاقي وز??رن، چيئرمين جوائنٽ چيفس آف اسٽاف ڪميٽي، سروسز چيفس، قومي سلامتي جي صلاحڪار ۽ سينئر آفيسرن شرڪت ڪئي. وز??راعظم ??فيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري پڌرنامي موجب قومي سلامتي واري صلاحڪار ڪميٽي ??ي هڪ ٻاهرين ملڪ جي سينئر عهديدار جي ان ملڪ ۾ هڪ باضابطه اجلاس ۾ پاڪستان جي سفير کي باضابطه خط جي باري ۾ آگاهه ڪيو جنهن ۾ سفير پرڏيهي وزارت کي باقاعده طور تي آگاهه ڪيو. ڪميٽي خط تي گهري ڳڻتي جو اظهار ڪندي غير ملڪي عهديدارن پاران استعمال ڪيل زبان کي غير سفارتي قرار ڏنو، ڪميٽي اهو نتيجو ڪڍيو ته اهو خط ڄاڻايل ملڪ پاران پاڪستان جي داخلي معاملن ۾ کلي مداخلت جي برابر آه?? جيڪو ڪنهن به حالت ۾ ناقابل قبول آه??، ڪميٽي فيصلو ڪيو ته پاڪستان سفارتي قدمن کي نظر ۾ رکندي باضابطه ذريعي سان اسلام آباد ۽ ان ملڪ جي گادي واري شهر ۾ سخت احتجاج رڪارڊ ڪرائيندو. شرڪت ڪندڙن جي قومي سلامتي ڪميٽي جي ان ڪئميرا بريفنگ جي ذريعي پارليامينٽ کي اعتماد ۾ وٺڻ لاءِ 30 مارچ 2022 تي وز??راعظم ??ي صدارت ۾ منعقد ٿيندڙ خصوصي ڪابينا جي اجلاس ۾ ڪابينا جي ڪيل فيصلي جي توثيق ڪئي.