بيجنگ – 04 فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيني ڪارپوريٽ اڳواڻن کي سيڙپڪاري لاءِ سازگار ماحول پيدا ڪرڻ جي حڪومتي قدمن کان آگاهه ڪندي سي ??يڪ خصوصي اقتصادي زونز ۾ سيڙپڪاري لاءِ ڪاروبار دوست پاليسين مان فائدو کڻڻ جي ترغيب ڏني آهي. وزيراعظم ميڊيا آفيس مان جاري بيان موجب وزيراعظم عمران خان بيجنگ ۾ چين جي مشهور سرڪاري ۽ نجي ڪمپنين جي اڳواڻن سان ملاقات ڪئي. ملاقات ڪندڙن ۾ چائنه ڪميونيڪيشن ڪنسٽرڪشن ڪمپني، ه??ئوزانگ ٽيڪنالاجي، زي جيانگ سي ??ورٽ گروپ، چيلينج فيشنز، هونان سن واڪ گروپ، رائل گروپ، چائنا روڊ اينڊ برج ڪارپوريشن، زنگ بانگ گروپ ۽ چائنا مشينري انجنيئرنگ ڪارپوريشن جا اعليٰ عملدار شامل هئا. ڪارپوريٽ اڳواڻن وزيراعطم کي پاڪستان ۾ پنهنجي جاري منصوبن تي اڳڀرائي کان آگاهه ڪيو، هن ڌاتن ۽ ڪاغذن جي ري س??ئيڪلنگ، توانائي، ٽيڪسٽائيل، فائبر آپٽڪس نيٽ ورڪس، ه??ئوسنگ، ڊيري ۽ واٽر مينيجمينٽ بابت منصوبن ۾ پاڪستان ۾ سيڙپڪاري وڌائڻ ۾ گهري دلچسپي ظاهر ڪئي، چائنه ڪميونيڪيشن ڪنسٽرڪشن ڪمپني تعميراتي ۽ بنيادي ڍانچي جي ترقي لاءِ ڪم ڪري ٿي، ه??ئوزانگ ٽيڪنالاجي جامع ڪاغذ سازي جي س??مان ۾ مهارت رکي ٿي، زي جيانگ سي ??ورٽ گروپ چين جي سڀ کان وڏي پورٽ آپريٽرز مان هڪ آهي، چيلينج فيشنز هڪ مشهور ٽيڪسٽائيل ڪمپني آهي، هونان سن واڪ گروپ جو بنيادي ڪاروبار مواصلات، ٿري ڊي پرنٽنگ ۽ تعميرات آهي، رائل گروپ چين جو سڀ کان وڏو ڳئون جو کير پيدا ڪندڙ سڀ کان وڏو گروپ آهي، چائنا روڊ اينڊ برج ڪارپوريشن سول انجنيئرنگ ۽ تعميراتي مصنوبن تي ڪم ڪندو آهي، زنگ بانگ گروپ صوبه جيان زي جو وڏو زرعي انٽر پرائيز آهي ۽ چائنا مشينري انجنيئرنگ ڪارپوريشن چين جي وڏي زرعي صنعتي مشينري ڪمپنين مان هڪ آهي، ان موقعي تي وزيراعظم عمران خان چيني ڪمپنين جي پاڪستان ۾ سيڙپڪاري ۾ گهري دلچسپي کي س??راهيو. هن ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ گهري اقتصادي ۽ واپاري لاڳاپن کي اجاگر ڪندي چيني ڪارپوريشن اڳواڻن کي پاڪستان ۾ چيني سيڙپڪاري لاءِ سازگار ماحول پيدا ڪرڻ جي حوالي س??ن کنيل قدمن کان آگاهه ڪيو ۽ کين سي ??يڪ خصوصي اقتصادي زونز ۾ سيڙپڪاري لاءِ ڪاروبار دوست پاليسين مان فائدو کڻڻ جي ترغيب ڏني، ان موقعي تي وزيراعظم سان گڏ وفاقي وزير، صلاحڪار ۽ اعليٰ عملدار به هئا.