اسلام آباد – 02 فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان متحد?? عرب ام??را?? تي حوثين جي ميزائل حملي جي مذمت ڪندي ان کي خطي جي امن ۽ سلامتي لاءِ خطرو قرار ڏئي ڇڏيو آهي. وزيراعظم ابوظهبي جي ولي عهد ۽ متحد?? عرب ام??را?? جي هٿياربند فوج جي سپريم ڪمانڊر شيخ محمد بن زيد النيهان سان ٽيليفونڪ ڳالهه ٻولهه ڪئي ۽ حوثي باغين پاران 30 جنوري تي متحد?? عرب ام??را?? تي ميزائل حملي جي سخت مذمت ڪئي. هن متحد?? عرب ام??را?? اپران وقت سر ۽ موثر فضائي دفاع سان قيمتي جانيون ضايع ٿيڻ کان بچائڻ جي قدمن کي ساراهيو. وزيراعظم متحد?? عرب ام??را?? جي قيادت، عوام ۽ حڪومت سان يڪجهتي جو اظهار ڪيو. وزيراعظم تازن حملن تي ڳڻتي جو اظهار ڪندي انهن کي خطي جي امن ۽ سلامتي لاءِ خطرو قرار ڏنو. وزيراعظم عمران خان ڳالهين ۽ سفارتڪاري جي ذريعي علائقائي امن ۽ سلامتي جي فروغ ۽ تحفظ لاءِ ڪوششن جي پاڪستان جي عزم جو ورجاءُ ڪيو. ٻنهي اڳواڻن گڏيل تعاون ۽ گڏيل دلچسپي جي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي ۽ اعليٰ سطح تي ويجهي ۽ باقاعده مشاورت جاري رکڻ تي اتفاق ڪيو.