اسلام آباد – 13 جنوري (اي پي پي) قومي اسيمبلي ۾ ضمني مالياتي بل 2021ع تي ووٽنگ دوران صورتحال انتهائي دلچسپ رهي، وزيراعظم عمران خان، شهباز شريف ۽ آصف زرداري کي ٻيهر راءِ شماري ۾ حصو وٺڻ لاءِ ايوان ۾ اچڻو پيو. جمعي ڏينهن قومي اسيمبلي ۾ ضمني مالياتي بل 2021ع جي شق وار منظوري دوران جڏهن پهريون ڀيرو ??خالف ڌر پاران زباني راءِ شماري کي چئلينج ڪيو ويو ته اسپيڪر حڪومتي ۽ مخالف ڌر ميمبرن کي واري واري سان ب??ها??ي حق ۽ مخالفت ۾ راءِ ورتي، حڪومت جي عددي اڪثريت 168 جڏهن ته مخالف ڌر جي 150 ميمبرن جي راءِ سامهون آئي تنهن هوندي به ٻين شقن تي ترميمن دوران هڪ ڀيرو ??يهر مخالف ڌر اسپيڪر جي راءِ شماري چئلينج ڪئي جنهن تي اسپيڪر رولنگ ڏني ۽ قومي اسيمبلي جي قاعدن ۽ ضابطن جي قاعدي 29 جي تحت ايوان جي راءِ جي حوالي سان اسپيڪر پنهنجا اختيار استعمال ڪري سگهي ٿو. وزيراعظم جي پارلياماني معاملن واري صلاحڪار چيو ته اسپيڪر قاعدي 29 تحت رولنگ ڏني آهي هاڻي مخالف ڌر پاران ووٽنگ کي چئلينج ڪرڻ جو ڪو به جواز نه آهي، اسپيڪر زباني راءِ شماري ڪر??ئڻ جو اختيار رکي ٿو، مخالف ڌر پاران سيد نويد قمر، سردار اياز صادق، رانا تنوير حسين جڏهن ته حڪومت پاران بابر اعواڻ کانسواءِ وفاقي وزيرن، اسد عمر، پرويز خٽڪ به ان حوالي سان خيالن جو اظهار ڪيو تنهن هوندي به اسپيڪر چيو ته جيتوڻيڪ هو رولنگ ڏئي چڪو آهي پر مخالف ڌر جي مطالبي تي هڪ ڀيرو ??يهر هو ميمبرن کي واري واري سان ب??ها??ي ووٽنگ جو موقعو ڏيندو. اسپيڪر جڏهن ٻيو ڀيرو ??خالف ڌر جي ترميمن تي حق ۽ مخالفت ۾ واري واري سان ب??ها??ي ووٽنگ ڪر??ئڻ جو اعلان ڪ??و ته وزيراعظم عمران خان، مخالف ڌر اڳواڻ شهباز شريف ۽ اڳوڻي صدر آصف علي زرداري کي پنهنجي پنهنجي چيمبرز مان ٻيهر ايوان ۾ ٿيندڙ راءِ شماري ۾ حصو وٺڻ جي لاءِ اچڻو پيو، ٻيو ڀيرو ??يندڙ راءِ شماري ۾ به مخالف ڌر جا 146 ووٽن جي مقابلي ۾ حڪومت جا 163 ووٽ نڪتا، اهڙ?? طرح مخالف ڌر جون ترميمون اڪثريت راءِ سان رد ڪيون ويون.