اسلام آباد – 31 ڊسمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير فرخ حبيب چي?? آهي ته ڪورونا وائرس کان بچا??ُ لاءِ جاري ويڪسينيشن جو هڪ ٻيو سنگ ميل عبور ڪيو وي?? آهي. فرخ حبيب پنهنجي هڪ ٽوئيٽ ۾ چيو ته 2021ع جي پڄاڻي تي سڄي ملڪ سميت آ??اد ڄمون ۽ ڪشمير ۽ گلگت بلتستان ۾ رهندڙ 7 ڪروڙ ماڻهن جي ويڪسينيشن مڪمل ٿيڻ خوش آئينده ڳالهه آهي، مملڪتي وزير چيو ته اين سي او سي وفاق، صوبن ۽ ادارن جي وچ ۾ تعاون جي بهت??ين مثال قائم ڪي?? آهي.