اسلام آباد – 15 ڊسمبر (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اسد قيصر ۽ ڊپٽي اسپيڪر قاسم خان سوري آرمي پبلڪ اسڪول پشاور سانحي جي شهيدن کي خراج عقيدت پيش ڪندي چيو آهي ته آرمي پبلڪ اسڪول پشاور جي شهيدن جي قربانين کي سدائين ياد رکن??اس??ن جڏهن ته 16 ڊسمبر 2014ع جي ڏ??نه?? کي ملڪ جي تاريخ جو ڪاري ڏ??نه?? طور تي ياد رکيو ويندو. اهڙن خيالن جو اظهار هنن آرمي پبلڪ اسڪول سانحي جي 7 ه??ن ورسي جي موقعي تي جاري پنهنجي ڌار ڌار پيغامن ۾ ڪيو. ان موقعي تي اسپيڪر چيو ته اي پي ايس سانحي جي واقعي ۾ 132 کان وڌيڪ ٻارن ۽ استادن جي شهادت پوري دنيا کي لوڏي ڇڏيو هو، ه??ن چيو ته آرمي پبلڪ اسڪول جي ان معصوم هيروز دهشتگردي کان پاڪ ۽ تعليم يافته پاڪستان جي لاءِ قوم کي متحد هجڻ جو پيغام ڇڏي ويا آهن. اسپيڪر چيو ته 7 سالن کانپوءِ به اي پي ايس سانحو ناقابل برداشت درد جي موجودگي جي طور تي محسوس ٿيندو آهي. هن چيو ته قوم کي شهيدن جي خاندانن تي فخر آهي جنهن ان عظيم صدمي کي برداشت ڪيو آهي، پوري قوم ڏکويل خاندانن جي ڏک ۾ برابر جي شريڪ آهي.