اسلام آباد – 28 – نومبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته ايران اهم مسلمان ۽ ڀائر پاڙيسري ملڪ آهي، ٻنهي ??لڪ?? جي وچ ۾ گهرا تاريخي، لساني، مذهبي ۽ ثقافتي لاڳاپا آهن، پاڪستان جيو اقتصادي خوشحالي ۽ علا??قا??ي رابطن جي فروغ کي خاص اهميت ڏي ٿو، پاڪستان کان ترڪيءَ ۽ آذربائيجان تائين عالمي روڊ ٽرانسپورٽ سان پوري اي سي او خطي کي فائدو پهچندو. اهڙن خيالن جو اظهار صدر ڊاڪٽر عارف علوي ترڪمانستان جي دوري دوران ايران جي صدر سيد ابراهيم رئيسي سان اشڪ آباد ۾ ملاقات دوران ڪيو. صدر عارف علوي چيو ته ٻنهي ??لڪ?? وچ ۾ واپار ۽ معيشت جي ٻطرفي مڪينزم جا باقاعده اجلاس ضروري آهن. هن چيو ته ٻنهي ??لڪ?? جي وچ ۾ واپاري لاڳاپا وڌائڻ جي لاءِ وسيع امڪان موجود آهن ۽ اقتصادي تعاون تنظيم علا??قا??ي رابطن جي فروغ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري رهي آهي. صدر چيو ته معاشي تعاون ۽ علا??قا??ي رابطا وڌيڪ مستحڪم ??رڻ جي لاءِ اقتصادي تعاون تنظيم کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي ضرورت آهي، ملاقات دوران افغانستان جي صورتحال تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته ٻئي ملڪ افغانستان ۾ امن ۽ استحڪام قائم ??رڻ جا خواهشمند آهن. ٻنهي اڳواڻن ٻطرفو تعاون ۽ لاڳاپا وڌيڪ مستح??م بڻائڻ تي اتفاق ڪيو. ٻنهي صدرن ٻنهي ??لڪ?? جي وچ ۾ وڌندڙ لاڳاپن ۽ ٻطرفي تعاون جي موجوده سطح تي اطمينان جو اظهار ڪندي پاڪستان ۽ ايران جا ٻطرفا واپاري ۽ معاشي لاڳاپا وڌائڻ تي اتفاق ڪيو. صدر ايراني صدر کي تازو ئي اليڪشن ۾ ڪاميابي ۽ عهدو سنڀالڻ تي مبارڪباد پڻ ڏني ۽ ڪشمير مسئلي تي ايران جي اصولي موقف تي ايراني صدر جا ٿورا مڃيا. صدر ايران جي صدر کي پاڪستان جي دوري جي دعوت کي ورجايو ۽ ايران جي صدر سيد ابراهيم رئيسي پڻ صدر کي ايران جي دوري جي دعوت ڏني.