اسلام آباد – 16 – سيپٽمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته ملڪ ۾ تيل جون قيمتون هاڻي به خطي ۾ سڀ کان گهٽ آهن، 75 سيڪڙو آبادي جي آمدني ۾ چڱو چوکو اضافو ٿيو آهي. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ هن چيو ته پاڪستان ۾ تيل جون قيمتون هاڻي به خطي ۾ سڀني کان گهٽ آهن، يا ته ٽن سالن ۾ تيل جا کوهه نڪري اچن ها ٻي صورت ۾ ظاهر آهي ته ??ڏهن تيل ٻاهران خريد ڪرڻو آهي ته قيمتون وڌنديون، اهو ئي اصول باقي آمدني واپار ل??ءِ آهي، چوڌري فواد حسين چيو ته ??صل ڪاميابي اها آهي ته 75 سيڪڙو آبادي جي آمدني ۾ به خاطر خواه اضافو ٿيو آهي، وفاقي وزير چيو ته پاڪستان جي خريداري جي قوت هندست??ن کان بهتر آهي، پگهاردار طبقي جون مشڪلاتون پنهنجي جاءِ تي پر 60 سيڪڙو آبادي زراعت سان لاڳاپيل آهي، جنهن کي 11 سئو ارب روپيا اضافي آمدني ٿي، هن چيو ته ??عميرات ۽ انڊسٽريز سان لاڳاپيل ڪر??ڙي?? ماڻهن جي آمدني ۾ به اضافو ٿيو. مستري ۽ مزدور جي ڏيهاڙي ٽي?? تي وڌي.