اسلام آباد – 21 آگسٽ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته ڪا??ل ۾ پاڪستاني سفار??خا??ي کي انٽرنيش??ل ميڊيا سميت پوري دنيا ۾ پذيرائي ملي رهي آهي، هيستائين چار هزار جي لڳ ڀڳ ويزا جاري ڪيا ويا آهن، افغانستان ۾ امن ۽ استحڪام جي لاءِ اسان جو ڪردار سڀ کان اهم آهي، افغانستان جي صورتحال جي حوالي سان سمورين عالمي ۽ علائقائي طاقتن سان اسان جو ويجهو رابطو آهي. پنهنجي وڊيو بيان ۾ افغانستان جي حوالي سان خصوصي ڳالهه ٻولهه ڪندي هن چيو ته افغانستان ۾ حڪومت سازي اتان جي عوام کي ڪرڻي آهي، اسان جي ڪوشش پرامن ۽ مستحڪم افغانستان جي لاءِ جاري آهي. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته ڪا??ل ۾ پيدا ٿيل صورتحال جي ڪري صحافين، انٽرنيش??ل ميڊيا جي ميمبرن، آءِ ايم ايف، ورلڊ بئنڪ ۽ مختلف سفار??خا??ن جي عملي جو نڪرڻ مشڪل ٿي ويو هو، پاڪستان انٽرنيشنل ايئرلائين ڪابل کان اٽڪل 1400 ماڻهن کي ڪڍڻ ?? سهولت ڏني. هن وقت تائين پاڪستاني سفار??خا??ي اٽڪل 4 هزار ويزا جاري ڪيا جڏهن ته 2 هزار جي لڳ ڀڳ ماڻهن کي ڪابل مان ڪڍيو ويو آهي.