اسلام آباد – 14 جون (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته وقت سر و??ڪسين لڳائڻ ۽ ايس او پيز تي ??ملدرآمد سان ڪورونا وائرس جي وبا تي ??ابطو آڻي سگهجي ٿو، عوام جو رضاڪاراڻي طور تي ويڪسين لڳائڻ سٺي ڳالهه آهي، جنهن جو مثال ترقي يافته ملڪن ۾ به گهٽ ملي ٿو، هندستان جهڙي صورتحال کان ب??ڻ لاءِ ادارن ۽ عوام کي گڏجي ڪورونا وائرس جي وبا کان ب??اءُ لاءِ قدمن کي يقيني بڻائڻو پوندو. هن اهڙن خيالن جو اظهار سڄي ملڪ ۾ جاري ڪورونا ويڪسينيشن مهم جي حوالي سان اعليٰ سطح جي اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو.