اسلام آباد – 12 مارچ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته ماضي جي ڪوتاهين جي نتيجي ۾ اڄ عوام پيسجي رهي آهي، بجلي جا مهانگا من??وبا لڳايا ويا، پهچ ۽ ورڇ جي نقصانن تي ضابطو آڻڻ ۽ سسٽم جي خرابين کي ٺيڪ ڪرڻ جي رخن کي نظر انداز ڪيو ويندو رهيو ج??هن جو بار عوام کي برداشت ڪرڻو پئجي رهيو آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن بجلي جي قيمتن ۽ خاص طور تي بجلي جي شعبي ۾ گردشي قرضن ۾ گهٽتائي آڻڻ جي حوالي سان اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. وزيراعظم کي بجلي جي موجوده قيمتن، گردشي قرضن ۽ ا??هن قرضن ۾ گهٽتائي جي حوالي سان تجويز ڪيل حڪمت عملي تي بريفنگ ڏني وئي. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته موجوده حڪومت جي ڪوششن جي نتيجي ۾ ج??ي ٽيڪنيڪي ۽ غير ٽيڪنيڪي نقصانن ۾ گهٽتائي جو رجحان سامهون آيو آهي اتي بجلي جي بلن جي وصولين ۾ به بهتري آئي آهي. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته ٽرانسميشن اينڊ ڊسٽر??بي??شن لاسز (پهچ ۽ ورڇ) ۾ وڌيڪ گهٽتائي آڻڻ جي لاءِ حڪمت عملي تيار ڪئي وئي آهي. ڀرپور ڪوشش آهي ته پهچ ۽ ورڇ جي مد ۾ ٿيندڙ اصل نقصانن ۽ نيپرا پاران من??ور ٿيل شرح جي وچ ۾ فرق کي گهٽ ترين سطح تي آڻي سگهجي. وزيراعظم کي ٻڌايو ويو ته نقصانن تي ضابطو آڻڻ ۽ وصولين کي بهتر ڪرڻ جي حوالي سان ايندڙ ٻن سالن ۾ مقرر ڪيل ٽارگيٽ جي نتيجي ۾ تقريبن سوا ٽي سئو ارب روپين جي بهتري ايندي ج??هن جو فائدو صارفين کي ميسر ايندو.