اسلام آباد – 18 فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته منظور ٿيل هائوسنگ سوسائٽين ۽ غير منظور ٿيل سوسائٽين جو سمورو ڊيٽا لاڳاپيل ڊولپمينٽ اٿارٽيز جي ويب سائيٽس تي يقيني بڻائڻ سان گڏوگڏ صوبائي سطح تي سينٽرل ڊيٽا بئنڪ جوڙيو وڃي ته جيئن هي انهن منصوبن جي سمورا تفصيل هر پاڪستاني ۽ خاص طور تي ٻاهرين ملڪ رهندڙ پاڪستانين کي ميسر هجن. هن اهڙن خيالن جو اظهار هتي هائوسنگ، تعميرات ۽ ڊولپمينٽ بابت نيشنل ڪوآرڊينيشن ڪميٽي جي هفتيوار اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. اجلاس ۾ ملڪ ۾ تعميراتي سرگرمين جي فروغ ۽ صوبائي حڪومتن پاران منظورين جي عمل ۾ تيزي جي حوالي سان وزيراعظم کي بريفنگ ڏني وئي. پنجاب جي چيف سيڪريٽري وزيراعظم کي ٻڌايو ته هن وقت تائين 87.03 ملين م??بع فوٽ تي تعميرات جي حوالي سان درخواستون ملي چڪيون آهن. ان ۾ لاهور 38 سيڪ??و، ميٽرو پوليٽن ڪارپوريشن 22 سيڪ??و، راولپنڊي 18 سيڪ??و، فيصل آباد 11 سيڪ??و، ملتان 10 سيڪڙو شامل آهن. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته 29 ڊسمبر تائين 62.33 ملين م??بع فوٽ ت??يمرات جون درخواستون مليون هيون، هن وقت اهو تعداد 87.03 ملين م??بع فوٽ ت??ئين پهچي ويو آهي. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته پنجاب صوبي جي سمورن ضلعن ۾ تعيمراتي سرگرميون واقع ٿي رهيون آهن. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته هن وقت تائين 41.07 ملين م??بع فوٽ ت??ميرات جون درخواستون منظور ڪيون ويون آهن. 29 ڊسمبر تائين ڏنل منظورين جو رقبو 30 ملين م??بع فوٽ هو، پنجاب جي چيف سيڪريٽري ٻڌايو ته تعميراتي منصوبن جي حوالي سان هن وقت تائين پورٽل تي ڪل 17692 درخواستون مليون آهن جنهن م??ن 11349 منظور ٿي چڪيون آهن، هن ٻڌايو ته منظور ٿيندڙ ۽ منظوري جي عمل ۾ منصوبن ۾ سيڙپڪاري جو ڪل ڪاٿو 353.43 ارب روپيا آهي، ان 353.43 ارب روپين جي سيڙپڪاري مان 1767.15 ارب جون م??اشي سرگرميون پيدا ٿينديون ۽ 315678 نوڪرين جا موقعا پيدا ٿيندا.