اسلام آباد – 09 فيبروري (اي پي پي) وز??راعظم عمران خان چيو آهي ته پي ڊي ايم نالي سازشي جٿو بدعنوان دوست نظام جي حمايت ذريعي ووٽ جي خريد ۽ وڪري، ڪرپشن ۽ مني لانڊرنگ جي ڪمائي بچائڻ چاهي ٿ??. پ??هنجي ٽوئيٽ ۾ گذريل سينيٽ چونڊن ۾ ووٽ جي خريد ۽ وڪري جي وڊيو تي پنهنجي بيان ۾ هن چيو ته وڊيوز ۾ نمايان اُهو شرمناڪ طريقو جنهن کي سياستدان سينيٽ ۾ ووٽن جي خريد ۽ وڪري جي لاءِ استعمال ڪن ٿا، هڪ ٻئي پٺيان مڙهيل حڪمران اشرافيه جنهن قوم ک?? قرض ۾ ٻوڙيو، جي هٿان قومي اخلاقيات جي مڪمل تباهي جي عڪاسي آهي. ڪرپشن ۽ مني لانڊرنگ جو اهو دور اسان جي سياسي اشرافيه جو هڪ ڪڌو داستان آهي. وز??راعظم چيو ته هي اقتدار ۾ اچڻ جي لاءِ پئسو استعمال ڪن ٿا ۽ پوءِ پنهنجي اقتدار جي استحڪام لاءِ سرڪاري آفيسرن ۽ ميڊيا سميت ٻين فيصلاسازن جي خر??دا??ي جي ڏس ۾ مال ٺاهڻ ۽ قوم کي ڦري پرڏيهي کاتا ڀرڻ/ ا??اث?? ٺاهڻ ۽ ٻاهرئين ملڪ ملڪيتن جي خر??دا??ي جي لاءِ مني لانڊرنگ جي لاءِ پنهنجي سياسي قوت استعمال ڪن ٿا. هن چيو ته پي ڊي ايم نالي سازشي جٿو هاڻي بدعنوان دوست نظام جي حمايت ذريعي اهو ئي سڀ ڪجهه ته بچائڻ چاهي ٿو. عمران خان چيو ته اسان قوم جي ڪمزوري بڻجندڙ بدعنواني ۽ مني لانڊرنگ جي ان سلسلي جي خاتمي لاءِ پوري طرح پرعزم آهيون.