اسلام آباد – 27 آڪٽوبر (اي پي پي) پاڪستان سميت سڄي د??يا ۾ مظلوم ڪشميري حريت پسندن سان والهاڻي يڪجهتي جي اظهار لاءِ ڪارو ڏينهن ان وچن کي ور??ائڻ سان ملهايو ويو ته گڏيل قومن ??ي قراردادن ??وج?? ريفرنڊم ذريعي ڪشميرين جي خودمختياري جي حق حاصل ڪرڻ جي لاءِ جدوجهد جاري رکي ويندي. 27 آڪٽوبر تي پاڪستان جي سمورن ننڍن وڏن شهرن ۾ ڪاري ڏينهن جي موقعي تي واڪ، سيمينارز ۽ سمپوزيم منعقد ٿيا جڏهن ته ميڊيا جي ذريعي سڄي د??يا جي انساني حقن جي علمبردارن ۽ گڏيل قومن ??ي پنج وڏين طاقتن جي حڪمرانن کي ڪشميرين تي ٿيندڙ ڀ??رت?? ظلم ۽ ڏاڍ بابت آگاهه ڪرڻ سان گڏوگڏ ان ڳالهه جو مطالبو ڪيو ويو ته ڪشمير جي پراڻي مسئلي کي گڏيل قومن ??ي قراردادن ??وج?? حل ڪيو وڃي ۽ معصوم ڪشميري مسلمانن تي جاري ڀ??رت?? فوج جي وحشياڻي ظلم ۽ تشدد جي سلسلي کي روڪيو وڃي.