اسلام آباد – 10 آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته ضروري شين جي قيمتن ۾ گهٽتائي جي لاءِ سمورا قدم کنيا ويندا، ايندڙ هفتي کان ان ڏس ۾ حڪومتي حڪمت عملي تي عملدرآمد شروع ڪيو و??ند??. اها ڳالهه هن پنهنجي ٽوئيٽ ۾ چئي. وزيراعظم عمران خان چيو ته شين جي قيمتن ۾ اضافي جي س??بن جو جائزو وٺي رهيا آهيون، ايندڙ هفتي ضرورت جي شين جي قيمتن ۾ گهٽتائي جي لاءِ سمورا قدم کڻنداسين. هن چيو ته ان ڳالهه جو جائزو وٺڻو آهي ته شين جي پهچ ۾ واقعي گهٽتائي آهي يا ان جو سبب ذخيره اندوزي آهي، اهو به ??سڻو آهي ته عالمي منڊي ۾ پام آئل، دالين ۽ ٻين شين جي قيمتن ۾ ڪو اضافو ٿيو.