اسلام آ??اد – 03 سيپٽمبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي جي صدارت ۾ پاڪستان جي ماهيگيري جي پاليسي بابت اجلاس هتي ايوان صدر ۾ منعقد ٿيو، ايوان صدر ميڊيا آفيس پاران جا??ي بيان موجب اجلاس ۾ سامونڊي معاملن وارو وفاقي وزير سيد علي حيدر زيدي، ميري ٽائيم افيئرز جو سيڪريٽري رضوان احمد ۽ وزارت جي اعليٰ عملدارن شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ ساموندي معاملن واري وفاقي وزير صدر کي پاڪستان جي ماهيگيري جي شعبي کي درپيش چئلينجز ۽ مسئلن ک??ن آگاه ڪيو، اجلاس کي خطاب ڪندي صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته م??ڪ ۾ پائيدار ماهيگيري کي فروغ ڏيڻ جي ضرورت آهي، هن چيو ته پاڪستان ۾ ماهيگيري جي شعبي جي استحڪام سان پرڏيهي ناڻو ڪمائڻ ۽ روزگار جا وسيع موقعا پيدا ڪرڻ جي صلاحيت موجود آهي.