اسلام آباد – 27 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان جي صدارت ۾ هائوسنگ، تعميرات ۽ ڊولپمينٽ بابت نيشنل ڪوآرڊينيشن ڪميٽي جو هفتيوار اجلاس هتي منعقد ٿيو، اجلاس ۾ اطلاعات ۽ نشريات وارو وزير سينيٽر شبلي فراز، خا?? مددگار ملڪ امين اسلم، ليفٽيننٽ جنرل (ر) عاصم س??يم باجوه، ڊاڪٽر شهباز گل، اسٽيٽ بئنڪ جو گورنر، نئون پاڪستان هائوسنگ اٿارٽي جو چيئرمين ليفٽيننٽ جنرل (ر) انور علي حيدر، لاڳاپيل وزارتن جي سيڪريٽرين ۽ ٻين آفيسرن شرڪت ڪئي جڏهن ته چيف سيڪريٽر??ن وڊيو لنڪ ذريعي اجلاس ۾ شرڪت ڪئي، سي ڊي اي چيئرم??ن وزيراعظم کي وفاقي گادي واري شهر ۾ تعميرات جي شعبي ۾ ڏنل مراعتن، ڪمرشل، رهائشي تعميرات جي حوالي سان هيستائين ڏنل منظورين، ويجهي مستقبل ۾ شروع ٿيندڙ منصوبن، پارڪ انڪليو ٿري منصوبي ۽ بليو ايريا ۾ ڪمرشل پلاٽس جي نيلامي ۾ اڳڀرائي ۽ سي ڊي اي جي مڪمل آٽوميشن تي بريفنگ ڏني.