اسلام آباد – 30 جولاءِ (اي پي پي) پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي چيو آهي ته دهشتگردي جي خاتمي (ترميمي) بل 2020ع ۽ گڏيل قومون (سيڪيورٽي ڪائونسل) ترميمي بل 2020ع جي منظوري تي ايوان جا ٿورا مڃيا ٿو، دشمن پ??ڪس????ن کي بليڪ لسٽ ۾ وجهڻ جي سازش ڪري رهيو آهي، ??ارت جا ارادا مٽيءَ ۾ ملائي ڇڏيا، ڀارت کي هڪ ڀيرو ٻيهر شڪست کي منهن ڏيڻو پوندو، پ??ڪس????ن کي هاڻي گري لسٽ ۾ رکڻ جو ڪو به جواز نه آهي. سينيٽ جي اجلاس ۾ بلن جي منظوري کانپوءِ ڳالهائيندي پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي چيو ته بلن جي منظوري تي هن ايوان جا ٿورا مڃيا ٿو. ثابت ٿي ويو ته ايوان سنجيده آهي ۽ ان جي ميمبرن ۾ فهم ۽ فراست آهي ۽ اهي پارٽي حدن کان مٿانهون ٿي ملڪي مفادن کي اوليت ڏين ٿا، جي يو آءِ (ف) کانسواءِ سڀني مخالف ڌر پارٽين به بل جي حمايت ڪئي آهي، دشمن پ??ڪس????ن کي بليڪ لسٽ ۾ وجهڻ ۽ مالي مشڪلاتن کان بچڻ جي سازش ڪري رهيو آهي، آئون مسلم ليگ (ن)، پيپلزپارٽي ۽ جماعت اسلامي س??يت سمورين پارٽين جا ٿورا مڃان ٿو. هن چيو ته ڀارت جي اراد??ن کي مٽيءَ ۾ ملائي ڇڏيو آه??، اسان جا گڏيل سياسي اختلاف ٿي سگهن ٿا پر اسان قومي معاملن تي هڪ موقف رکون ٿا، جنهن خوش اسلوبي سان مسلم ليگ (ن)، پيپلزپارٽي جي ميمبرن ڪميٽي ۾ بل جي حمايت جي مون کي خاطري ڪرائي آهي ان سان فائدو پ??ڪس????ن کي ٿيندو، حڪومتون اينديون وينديون آهن پر رياستي مفاد سڀ کان مٿانهون آهن، ڪاش جي يو آءِ (ف) به پنهنجي فيصلي تي نظرثاني ڪري ها، جي يو آءِ (ف) مخالفت ڪري س??و تاثر نه ڏنو، ملڪ جي لاءِ دل وڏي ڪن. هن چيو ته ڪلڀوشن ياديو جي آرڊيننس جي نقطن جي حوالي سان ڳڻتي جو اظهار ڪيو آهي، هو قيد ۾ آهي، ملڪ ڇڏي ناهي ويو، نه هو رات وچ ۾ فرار ٿي سگهندو، هن کي ڪا رعايت نه ڏني ويندي، ??ارت اهو ڪيس انصاف جي عالمي عدالت ۾ کڻي ويو، هن جو خيال هو ته ??ن کي آزاد ڪري ڀارت منتقل ڪيو ويندو، ڀارت کي شڪست ٿي، قونصلر پهچ جنيوا ڪنوينشن تحت ڏني آه??، اپيل جو حق ڏنو آهي، ??ارت جي ڪوشش هئي ته ??ن کي ٻيهر انصاف جي عالمي عدالت وڃڻ جو بهانو ملي وڃ??، ان لاءِ اسان ڪلڀوشن کي ٻيهر قونصلر پهچ ڏني، ??ارت جا اعتراض ختم ڪيا، اسان ڀارتي ارادا خاڪ ۾ ملائي ڇڏيا آهن، اڍائي ڪلاڪن تائين ڀارتي س??ارتڪارن ڪلڀوشن سان ملاقات ڪئي، ??ارتي س??ارتڪارن جي ڪوشش هئي ته ڪهڙي طرح هو ان ملاقات کان ڀڄن ته جيئن بهانو ٺاهي سگهن.