اسلام آباد – 05 مئي (اي پي پي) ڪورونا وائرس جي صورتحال ۾ قومي اسيمبلي جو اجلاس گهرائڻ لاءِ قائم ڪيل خصوصي پار??يا??اني ڪميٽي جو اجلاس پار??يا??ينٽ هائوس ۾ وفاقي وزير سيد فخر امام جي صدارت ۾ ٿيو. اجلاس ۾ ڪميٽي جي ميمبرن سميت سمورين پار??يا??اني پارٽين جي نمائندن شرڪت ??ئي. اجلاس دوران قومي اسيمبلي جي سيشن جي حوالي سان ميمبرن پاران مختلف تجويزون سامهون آيون جڏهن ته اجلاس ۾ اتفاق راءِ سان فيصلو ٿيو ته 11 مئي سومر ڏينهن ٽي وڳي قومي اسيمبلي جو اجلاس گهرايو ويندو، ان اتفاق راءِ کانپوءِ مخالف ڌر پاران خواجه محمد آصف ريڪيوزيشن واپس وٺڻ جو فيصلو ڪيو. اهو به طئي ٿيو ته اجلاس جو وقت ڏيڍ کان ٻه ڪلاڪ تائين هوندو.