اسلام آباد – 10 ڊسمبر (اي پي پي) وفاقي ڪاب??نا ڀارتي لوڪ سڀا ۾ منظور ڪي?? تڪراري شهريت بل جي سخت مذمت ڪندي چيو آهي ته ڀارت جي اهڙي قدم سندس اصل چهرو بي نقاب ڪري ڇڏيو آهي، ڪاب??نا مريم نواز جو نالو اي سي ايل مان ڪڍڻ جو معاملو ڪاب??نا جي ذيلي ڪميٽي ڏانهن موڪلي ڇڏيو، حڪومت ذيلي ڪميٽي جي سفارشن ۽ ٺوس سببن کي نظر ۾ رکندي فيصلو ڪندي، وزيراعظم سزا يافته ۽ فرار ٿيل ماڻهن جي ميڊيا بيانن جي تدارڪ لاءِ پيمرا سميت سمورن لاڳاپيل ڌرين جي مشاورت سان لائحه عمل جوڙڻ لاءِ قانون ۽ انصاف واري وزير کي خصوصي هدايتون ڏنيون، ڪاب??نا جي سڪوڪ بانڊز ۽ اسلام آباد لوڪل گورنمينٽ ايڪٽ تي خدشن تي ٻئي سمريون واپس ورتيون ويون، حڪومت پهرين 15 مهينن ۾ سوئي گئس، بجلي، زراعت، فرٽيلائيزر جي شعبي ۾ 401 ارب جي سبسڊي ڏني آهي، وزيراعظم عمران خان وفاقي گادي واري شهر جي سمورين اسپتالن کي اسٽيٽ آف دي آرٽ ??دارن ۾ تبديل ڪرڻ جي هدايت ڏني. وزيراعظم جي اطلاعات ۽ نشريات بابت خاص معاون ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ وزيراعظم عمران خان جي صدارت ۾ وفاقي ڪاب??نا جي اجلاس کانپوءِ ميڊيا کي بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ته ڪاب??نا ڀارتي لوڪ سڀا طرفان شهريت بابت قانون سازي جي شديد مذمت ڪندي چيو آهي ته اهڙي قانونسازي ڀارتي سرڪار جي نام نهاد لبرل ازم جو پردو ل??هي ڇڏيو آهي ۽ اهو آر اي?? ايس نظرئي جي واڌ جي ايجنڊا جو عملي مثال آهي