هراري- 06 ڊسمبر (اي پي پي) صحت واري عالم?? اداري (ڊبليو ايڇ او) زمبابوي کي ڪالرا (هيضه) ب??ما??ي تي ضابطو آڻڻ ۾ مدد لاءِ سامان ۽ دوائن جو عطيو ڏنو آهي. ڊبليو ايڇ او جي آفريقا بابت ريجنل ڊائريڪٽر ماتشيڊ يسوموتي زمبابوي جي صحت ۽ ٻارن جي سارسنڀال جي وزير ڊگلس م??مبشورا کي سامان ۽ دوائن جي کيپ حوالي ڪندي چيو ته اسان سڀني کي ڪالرا جي وبا کي ختم ڪرڻ جي پنهنجي ڪوششن کي ٻيڻو ڪرڻو آهي. ڪميوٽي کي متحرڪ ڪرڻو آهي ۽ کين علاج جي مرڪزن ۾ منتقل ڪرڻو آهي ته جيئن هو علاج حاصل ڪن جنهن سان زندگي بچي ويندي آهي. هن چيو ته هي عطيو تمام وڏو اثر وجهندڙ آهي ان وبا کي جلد کان جلد ختم ٿيڻو آهي. واضح رهي ته زمبابوي ۾ 30 نومبر تائين هيضي جي مجموعي طور تي 9895 شڪي ڪيسز رڪارڊ ڪيا ويا، جن مان 9466 صحتياب ٿيا ۽ 53 جي فوتگي جي تصديق ٿي چڪي آهي.