اسلام آباد – 15 – مارچ (اي پي پي) پرڏيهي وزير مخدوم شاهه محمود قريشي ملائيشيا ۽ انڊونيشيا جي پنهنجي هم منصبن سان ??يليفونڪ رابطو ڪيو. پرڏيهي آفيس جي ترجمان ??وجب گفتگو دوران ??طرفي لاڳاپن ۽ گهڻ رخي شعبن ۾ ٻطرفي تعاون جي فروغ سمي?? گڏيل دلچسپي جي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ملائيشين هم منصب سيف الدين عبدالله سان ڳالهائيندي پرڏيهي وزير چيو ته پاڪستان ۽ ملائيشيا جي وچ ۾ گهرا ڀائراڻا لاڳاپا آه??، اعليٰ سطحي رابطن جي فروغ سان ??نهي ملڪن جي وچ ۾ ٻطرفا لاڳاپا وڌيڪ مستحڪم ٿيا آهن، شاهه محمود قريشي چيو ته عالمي فورمن تي پاڪستان ۽ ملائيشيا جي وچ ۾ موقف ۾ هم آهنگي، ٻطرفي لاڳاپن جي استحڪام جو مظهر آهي، پرڏيهي وزير ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ پارلياماني رابطن جي فروغ ۽ پارلياماني وفدن جي مٽاسٽا جي ضرورت تي زور ڏنو، پرڏيهي وزير ملائيشين هم منصب کي اسلام آباد ۾ منعقد، او آءِ سي پرڏيهي وزيرن جي ڪائونسل جي 48 هين اجلاس ۾ شرڪت جي دعوت جو ورجاءُ ڪيو، جمهوريه انڊونيشيا جي پرڏيهي وزير ريٽنو مرسودي سان ??يليفونڪ رابطي دوران ??نهي پرڏيهي وزيرن گڏيل دلچسپي جي وسيع موضوعن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي، هن سياسي?? واپاري ۽ اقتصادي معاملن سان گڏوگڏ گڏيل قومن، آسيا??، او آءِ سي ۽ ٻين گهڻ رخي فورمن تي تعاون کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ تي اتفاق ڪيو، ٻنهي پرڏيهي وزيرن ٻطرفي ۽ گهڻ رخي، گڏيل مفادن جي معاملن تي تعاون جاري رکڻ تي اتفاق ڪيو. انڊونيشيا جي پرڏيهي وزير، پرڏيهي وزير مخدوم شاهه محمود قريشي کي انڊونيشيا جي دوري جي دعوت ڏني، دعوت قبول ڪندي پرڏيهي وزير گڏيل طور تي مناسب تاريخ تي انڊونيشيا جو دورو ڪرڻ جي حامي ڀري.