اسلام آباد – 28 فيبروري (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي ??زير فرخ حبيب چيو آهي ته پاڪستان تحريڪ انصاف سنڌ جي عو??م جو آواز بڻجندي، شهباز شريف چوي ٿو مون هڪ رپئي جي ڪرپشن ناهي ڪئي، هڪ نه پر اربين رپين جي ڪرپشن پڪڙي وئي آهي، 17 هزار ٽرانزيڪشنز پڪڙيون ويون آهن، مقصود چپڙاسي جي اڪائونٽس مان 4 ارب رپيا نڪتا آهن، مقصود چپڙاسي جهڙا 14 ملازم وڌيڪ آهن جن جي اڪائونٽس ۾ ڪروڙين رپيا آهن، هر شهري کي رمضان شگر ملز جو ملازم بڻائي ڇڏڻ گهرجي ته جيئن اهي ارب پتي ??ي وڃن، بلاول بينظير بدران آصف زرداري جو مشن اڳتي ??ڌائي رهيو آهي. اهڙن خيالن جو اظهار اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي ??زير فرخ حبيب اسلام آباد ۾ هڪ نيوز ڪانفرنس ۾ ڪيو. فرخ حبيب چيو ته شهباز شريف مختلف بهانن سان 9 ڀيرا التوا وٺي چڪو آهي، شهباز شريف ۽ آصف زرداري جي ڪيسن ۾ دير انصاف ج?? راهه ۾ رڪاوٽ آهي، انهن جي ڪيسن جي ٻڌڻي روزاني جي بنياد تي ??يڻ گهرجي، انصاف ۾ دير انصاف ج?? قتل آهي. مملڪتي ??زير فرخ حبيب چيو ته 7 ارب جو ٽي ٽي جو ڪيس نيب ۾ هلي رهيو آهي، جڏهن ڪنهن طاقتور کي سزا ملندي ته انصاف ج?? نظام وڌيڪ مضبوط ٿيندو. مملڪتي ??زير وڌيڪ چيو ته فرد جرم لاڳو ٿيڻي هجي ته نيون درخواستون داخل ٿي وڃن ٿيون، وڪيل تبديل ڪن ٿا، اهي سسلين مافيا ۽ گاڊ فادر آهن، چوري ناهي ڪئي ته ثبوت عدالتن ۾ پيش ڪن، شهباز شريف بطور وڏي وزير حمزه ۽ سلمان شهباز کي کليل ڇوٽ ڏئي رکي هئي. مملڪتي ??زير چيو ته اسان کان ساڍا 3 سالن جو حساب وٺن??ڙ سنڌ جو 15 سالن جو حساب ڏين. سنڌ ۾ ڦرلٽ جو بازار گرم، چوها اربين رپين جي ڪڻڪ کائي ويا. اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي ??زير فرخ حبيب چيو ته پاڪستان تحريڪ انصاف سنڌ جي عو??م جو آواز بڻجندي، سنڌ حقوق مارچ کي وڏي پذيرائي ملي رهي آهي.