اسلام آباد – پهرين فيبروري (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته معاشري ۾ مثبت تبديلي جي لاءِ مولا??ا ظفر علي خ??ن جي صحافتي ميراث تي عمل پيرا ??يڻ جي ضرورت آهي. ايوان صدر جي پريس ونگ پار??ن جاري بيان موجب اهڙن خيالن جو اظهار هن مولا??ا ظفر علي خان ٽرسٽ جي چيئرمين خالد محمود جي قيادت ۾ وفد سان ملاقات دوران ڪيو. صدر چيو ته مولا??ا ظفر علي خان اردو ادب ۽ ذميواراڻي صحافت جي فروغ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو، ميڊيا کي ملڪ ۾ باوثوق ۽ غيرجانبدار صحافت جي فروغ لاءِ مولانا جي نظرين تي عمل ڪرڻ جي ضرورت آهي. هن چيو ته مولانا جي تعليم قوم جي تعمير ۽ فيڪ نيوز جي چئلينج تي ضابطو آڻڻ ۾ مددگار ثابت ٿي سگهي ٿي. صدر ڊاڪٽر عارف علوي مولا??ا ظفر علي خان کي هڪ رول ماڊل قرار ڏيندي چيو ته ميڊيا کي ??ن جي نقش قدم تي هلڻ جي ضرورت آهي، ايندڙ نسلن کي صحافت، ادب، فنون ۽ تاريخ جي شعبن ۾ مولانا جي زندگي ۽ ڪارنامن کان روشناس ڪرائڻ گهرجي. وفد پاران صد?? کي مولا??ا ظفر علي خان ميموريل ٽرسٽ جي ڪردار تي بريفنگ ڏني وئي. وفد مولانا جي صحافتي ۽ ادبي لکڻين کي محفوظ ۽ فروغ ڏيڻ جي حوالي سان ٽرسٽ جي خدمتن بابت آگاهه ڪيو. بريفنگ ۾ ٻڌايو ويو ته ٽرسٽ مولانا جي فلسفي کي اڳتي وڌائڻ ۽ ??ن جي زندگي بابت تحقيقي سرگرمين ۾ سهولت فراهم ڪري رهيو آهي. صدر ڊاڪٽر عارف علوي مولا??ا ظفر علي خان مرحوم جي ادبي تخليقن جي تحفظ ۽ فروغ جي لاءِ ٽرسٽ جي ڪوششن کي ساراهيو.