بيجنگ – 05 فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان سان چائنا انرجي اينڊ انجنيئرنگ ڪارپوريشن ج?? چيئرمين ڊاڪٽر سانگ هيليانگ ۽ پاور چائنا ج?? چيئرمين ڊاڪٽر ڊنگ ين زانگ آن لائين ملاقات ڪئي. اها ملاقات پاڪستا?? جي توانائي جي شعبي بشمول قابل تجديد توانائي ۽ آبپاشي جي انفراسٽرڪچر جي بهتري لاءِ سيڙپڪاري وڌائڻ بابت هئي. پرڏيهي وزير مخدوم شاهه محمود قريشي، ناڻي وارو وفاقي وزير شوڪت فياض ترين، اطلاعات وارو وفاقي وزير چوڌري فواد حسين، منصوبابندي وارو وفاقي وزير اسد عمر، واپار وارو صلا??ڪا?? عبدالرزاق دائود، سي پيڪ بابت خاص مع??ون خالد منصور، قومي سلامتي وارو صلا??ڪا?? ڊاڪٽر معيد يوسف ۽ لاڳاپيل سينيئر عملدارن آن لائين اجلاس ۾ شريڪ ٿيا.