اسلام آباد – 05 فيبروري (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري م??لڪ??ي وزير فرخ حبيب چيو آهي ته ڪشميرين کي گڏيل قومن جي قراردادن موجب خودمختياري جو حق ملڻ گهرجي. م??لڪ??ي وزير ڪشمير سان يڪجهتي جي ڏهاڙي جي موقعي تي پنهنجي هڪ ٽوئيٽر پيغام ۾ چيو آهي ته وزيراعظم عمران خان هر عالمي فورم تي بهترين اند??ز ۾ ڪشمير جو ڪيس پيش ڪيو آهي. هن چيو ته وزيراعظم عمران خان ڪشميرين جو دلير وڪيل ۽ سچو سفير هجڻ جو حق ادا ڪيو آهي جنهن جي نتيجي ۾ دنيا آڏو پهريون ڀيرو مودي ۽ آر ايس ايس جي انتهاپسنداڻي سوچ بي نقاب ٿي.