لاهور – 31 ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان پنجاب جي وڏي وزير عثمان بوزدار کي عوام جي جان ۽ مال ۽ مفادن جي تحفظ جي لاءِ شرپسندن، ذخيرو ڪندڙن ۽ قبضا مافيا جي خلاف موثر قدم کڻڻ جي هدايت ڪئي آه??. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ مان جاري بيان موجب اها هدايت وزيراعظم پنجاب جي وڏي وزير سردار عثمان بوزدار سان ڳالهائيندي ڏني جنهن هتي ساڻس ملاقات ??ئي. ملاقات ۾ سول انتظاميه ۽ امن امان بابت خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. اجلاس ۾ پنجاب جي چيف سيڪريٽري ڪامران علي افضل ۽ آءِ جي پنجاب رائو س??دار علي خان به شريڪ ٿيا. وزيراعظم صوبي ۾ عام ماڻهو کي فوري ۽ آسان طريقي سان خدمتن جي فراهمي کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ ڀرپور قدم کڻڻ جي هدايت ??ئي. هن عوام جي جان ۽ مال ۽ مفادن جي تحفظ لاءِ شرپسندن، ذخيرو ڪندڙن ۽ قبضي مافيا جي خلاف موثر قدم کڻڻ جي به هدايت ??ئي.