پشاور – 20 ڊسمبر (اي پي پي) نئين چونڊيل سينيٽر ۽ ناڻي واري صلاحڪار شوڪت ترين چيو ??هي ته معيشت 5 کان 6 سيڪڙو جي حساب سان اڳتي وڌي رهي آهي، معيشت جي بهتري سان مهانگائي ۾ گهٽتائي واقع ٿيندي ۽ عوام کي رليف ملندو. اهڙن خيالن جو اظهار هن سينيٽر چونڊجڻ کانپوءِ خيبرپختونخوا اسيمبلي ۾ ميڊيا جي نمائندن سان ڳالهائيندي ڪيو، هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته گئس ج?? ذخيرا تيزي سان گهٽ ٿي رهيا آهن ۽ حڪومت جي ڪوشش ??هي ته جتي جتي گئس ج?? نوان ذخيرا دريافت ٿي رهيا آهن اتان کان پيدا ٿيندڙ گئس کي استعمال ۾ آندو وڃي، هن چيو ته هن وقت به گهريلو صارفين کي گئس جي فراهمي ۾ ترجيح ڏني پئي وڃي، شوڪت ترين چيو ته بجلي جي کوٽ جو ڪو به مسئلو نه ??هي بجلي جي لوڊشيڊنگ انهن علائقن ۾ ٿي رهي ??هي جتي بجلي چوري ٿيندي ??هي تنهن هوندي به انهن علائقن ۾ به سمورا صارفين بجلي چوري ناهن ڪندا تنهن ڪري صارفين کي رليف ??يڻ لاءِ ڄاڻايل تڪن ۾ به بجلي جي فراهمي کي يقيني بڻائي رهيا آهيون، جيتوڻيڪ ان عمل جي دوران حڪومت کي مالي نقصان کڻڻو پئجي رهيو آهي، هڪ ٻي سوال جي جواب ۾ هن چيو ته مهانگائي عالمي مسئلو ??هي تنهن هوندي به مسئلي کي منهن ڏيڻ لاءِ عوام کي هر ممڪن سبسڊي ڏئي رهيا آهيون ۽ ان سل??لي ۾ بهترين ڳالهه اها ??هي ته هاڻي کاڌي پيتي جي شين جون قيمتون گهٽ ٿيڻ شروع ٿي ويون آهن، هن چيو ته پاڪستان جي عوام کي گهرن جي تعمير ۽ زرعي مقصدن لاءِ بنا وياج قرض به ڏنا پيا وڃن.