رياض – 25 – آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته موسمياتي تبديلين جي خطرن کي منهن ڏيڻ جي لاءِ خصوصي قدمن جي ضرورت آهي، پاڪس??ان ماحول جي بهتري لاءِ 10 بلين ٽري منصوبو شروع ڪيو آهي، موسمياتي تبديلي جي چئلينج کي منهن ڏيڻ جي لاءِ پاڪس??ان ۽ آمريڪا کي گڏيل تجربن مان فائدو کڻڻ گهرجي، آمريڪا آءِ ڊي ايف سي جي ذريعي موسمياتي تبديلي جي شعبي ۾ سيڙپڪاري کي فروغ ڏي، پرامن ۽ مستحڪم افعانس??ان پاڪس??ان ۽ خطي جي مفاد ۾ آهي، عالمي بر??در?? افغانس??ان ۾ امن ۽ سلامتي جي فروغ ۽ انساني بحران ۽ اقتصادي بدحالي ک??ن بچڻ جي لاءِ ڪردار ادا ڪري. اهڙن خيالن جو اظهار هن ماحوليات بابت آمريڪي خصوصي نمائندي جان ڪيري سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن مڊل ايسٽ گرين انيشي ايٽو (ايم جي آئي) سمٽ جي موقعي تي وزيراعظم سان هتي ملاقات ڪئي. پاڪس??ان حڪومت پاران موسمياتي تبديلي جي مسئلي کي ترجيح بڻائڻ جي حوالي سان وزيراعظم چيو ته ان خطري کي منهن ڏيڻ جي لاء?? قومي ۽ عالمي سطح تي ڪوششون تيز ڪرڻ جي ضرورت آهي. وزيراعظم آمريڪي خصوصي نمائندي کي موسمياتي تبديلي جي ڪري پاڪس??ان ۽ اسرندڙ ملڪن کي درپيش چئلينجن بابت پنهنجي موقف کان آگاهه ڪيو ۽ ماحولياتي چئلينجن کي منهن ڏيڻ جي لاءِ 10 بلين ٽري سونامي منصوبي سميت پاڪس??ان جي قدمن ۽ تجربن کي اجاگر ڪيو. ماحولياتي تبديلي ۽ ماحوليات تي پاڪس??ان ۽ آمريڪا جي وچ ۾ جاري تعاون جو ذڪر ڪندي وزيراعظم عمران خان تازو ئي منعقد ٿيندڙ يو ايس پاڪس??ان ڪلائميٽ اينڊ انوائرمينٽ ورڪنگ گروپ جي اجلاس تي اطمينان جو اظهار ڪيو جنهن ۾ ماحوليات بابت پاڪس??ان ۽ آمريڪا جي وچ ۾ ٻطرفي تعاون جي شعبن جي نشاندهي ڪئي وئي. آمريڪا جي خصوصي ايلچي جان ڪيري چيو ته پاڪس??ان ۽ آمريڪا جي وچ ۾ پراڻا لاڳاپا آهن جن کي گڏيل هم آهنگي جي شعبن بشمول آبهوا ۽ ماحوليات ۾ وڌيڪ مضبوط بڻائڻ گهرجي. هن موسمياتي تبديلي جي اثرن کي منهن ڏيڻ جي لاءِ پاڪس??ان پاران کنيل مختلف قدمن کي ساراهيو. آمريڪي انتظاميا پاران موسمياتي تبديلي جي مسئلي کي ترجيح بڻائڻ جي حوالي سان جان ڪيري وزيراعظم کي هلندڙ مهيني جي آخر ۾ بائيڊن انتظاميا پاران يو اين ايف سي سي سي ڪانفرنس آف پارٽيز (سي او پي 26) ۾ موسمياتي تبديلي جي اثرن کي منهن ڏيڻ جي لاءِ وسيع تر اتفاق راءِ پيدا ڪرڻ جي لاءِ کنيل مختلف قدمن کان آگاهه ڪيو. وزيراعظم چيو ته پاڪس??ان ۽ آمريڪا کي موسمياتي تبديلي جي اثرن جي خلاف گڏيل طور تي مفيد موقعن کي بهتر بڻائڻ جي لاءِ پنهنجي خيالن، تجربي ۽ ٽيڪنالاجي مان فائدو جاري رکڻ گهرجي. وزيراعظم چيو ته آمريڪا موسمياتي تبديلي جي مسئلي کي منهن ڏيڻ جي لاءِ يو ايس انٽرنيشنل ڊيولپمينٽ فنانس ڪارپوريشن (ڊي ايف سي) جي ذريعي ٻطرفن لاڳاپن م اضافي جي امڪانن جو جائزو وٺي ته جيئن پاڪس??ان ۽ اسرندڙ ملڪن ۾ موسمياتي تبديلي جي خطري کي منهن ڏيڻ جي لاءِ سيڙپڪاري ڪري سگهجي. آمريڪي خصوصي نمائندي چيو ته انهن شعبن ۾ تعاون جي وسيع گنجائش موجود آهي ۽ هن متبادل ذريعن س??ن بجلي جي پيداوار جي منصوبن سميت ٻطرفي تعاون جي موقعن جو جائزو وٺڻ جي خواهش جو اظهار ڪيو. ڌرين ان سلسلي ۾ تعاون جي موثر فريم ورڪ جي تياري جي لاءِ اڳتي جي قدمن جي تعين جي لاءِ و??جه?? رابطو برقرار رکڻ تي اتفاق ڪيو. علائقائي ڏس ۾ وزيراعظم پاڪس??ان ۽ خطي جي لاءِ پرامن ۽ مستحڪم افغانس??ان جي اهميت تي زور ڏنو. وزيراعظم چيو ته افغانس??ان ۾ امن ۽ سلامتي جو قيام ۽ انساني بحران ۽ اقتصادي بدحالي ک??ن بچڻ جي لاءِ عالمي بر??در?? کي عملي طور تي قدم کڻڻ گهرجن. وزيراعظم چيو ته افغان عوام جي ڀلائي جي لاءِ مثبت رابطن ۽ اقتصادي وسيلن ۽ مالياتي اثاثا جاري ڪرڻ جي ضرورت آهي.