اسلام آباد – 18 – آڪٽوبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين مشهور شاعر، صحافي ۽ ڪالم نگار ڊا??ٽر اجمل ني??زي جي لاڏاڻي تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. پنهن??ي تعزيتي بيان ۾ اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته نه رڳو تعليم جي شعبي ۾ خدمتون سرانجام ڏنيون پر هو صح??فت جهڙي عظيم شعبي سان لاڳاپيل رهيو، ڊا??ٽر اجمل ني??زي مرحوم اردو ۽ پنجابي شاعري سان گڏوگڏ 45 سال تائين ادب جي خدمتن ۾ گذاريا، چوڌري فواد حسين چيو ته روزاني نواءِ وقت ۾ “بي نيازيان“ جي عنوان سان مرحوم اجمل ني??زي جا ڪالم ماڻهن ۾ تمام گهڻا مقبول ٿيا، سندس لاڏاڻي سان صح??فت جي شعبي، تعليم جي شعبي ۽ ادب جي ميدان ۾ پيدا ٿيندڙ خال ڪڏهن نه ڀرجي سگهجندو، وفاقي وزير دعا ڪئي ته الله تعاليٰ مرحوم کي پنهنجي جوار رحمت ۾ جاءِ ڏي ۽ پوئينرن کي صبر جميل عطا فرمائي.