اسلام آباد – 27 آگسٽ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته پاڪستان ۽ سعودي عرب جي وچ ۾ پراڻن ۽ مضبوط ڀائراڻن لا??اپن کي گڏيل مفاد جي لاءِ وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي ضرورت آهي، ٻنهي ڀائر ملڪن جي وچ ۾ اقتصادي ۽ ثقافتي لا??اپا وڌيڪ مستحڪم ڪرڻ جي صلاحيت موجود آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن سعودي سفير نواف بن سعيدالمالڪي ۽ انٽرنيشنل اسلامڪ يونيورستي اسلام آباد جي صدر ڊاڪٽ?? هٿل ح??ود العطيبي سان ملاقات دوران ڪيو. ڊاڪٽ?? هٿل ح??ود العطيبي گورننس ۽ تعليمي معيار ۾ بهتري جي لاءِ انٽرنيشنل اسلامڪ يونيورسٽي جي نئين اسٽريٽجڪ پلان بابت صدر کي بريفنگ ڏني. بريفنگ دوران ٻڌايو ويو ته يونيورسٽي شاگردن کي فاصلاتي تعليم فراهم ڪرڻ جي لاء?? هڪ نئون شعبو قائم ڪري رهي آهي. صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته پاڪستان سعودي عرب سان لا??اپن کي انتهائي اهميت ڏي ٿو، پاڪ – سعودي عرب لا??اپا گڏيل عقيدي ۽ گڏيل احترام تي ٻڌل آهن. هن چيو ته پراڻن ۽ مضبوط ڀائراڻن لا??اپن کي گڏيل مفاد جي لاءِ وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي ضرورت آهي، ڀائر ملڪن جي وچ ۾ اقتصادي ۽ ثقافتي لا??اپا وڌيڪ مستحڪم ڪرڻ جي صلاحيت موجود آهي، اعليٰ سطحي ٻطرفي مٽاسٽا ٻنهي ڀائر ملڪن کي وڌيڪ ويجهو آڻيندي. صدر چيو ته مئي 2021ع ۾ وزيراعظم جي سعودي عرب جي دوري، جولاءِ 2021ع ۾ سعودي پرڏيهي وزير جي پاڪستان جي دوري سان ٻطرفي تعاون کي وڌيڪ فروغ ملندو. هن چيو ته ايڇ اي سي جي نئين پاليسي يونيورسٽين ۾ منشيات جو استعمال روڪڻ، شاگردن کي صحتمند ۽ فعال ماحول فراهم ڪرڻ ۾ مدد ڏيندي، خاص طور تي شاگردن کي سمورن اداراجاتي چارجز بشمول ٽيوشن فيس، هاسٽل ف??س ۽ يوٽيلٽي بلز جي مد ۾ ڇوٽ ڏني ويندي.