مظفر آباد – 05 آگسٽ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي ڀارت تي زور ڏنو آهي ته هو ٻنهي ملڪ?? جي خوشحالي خاطر پاڪس??ان طرف پنهنجو ظالماڻو ۽ هٺ ڌرمي تي ٻڌل رويو ترڪ ڪري ڇڏي، هر سازش کانپوءِ پاڪس??ان پهرين کان وڌيڪ مضبوط بڻجي اڀرندو، ڀارت پنهنجي پاڙيسري ملڪن سان حل طلب تڪرار?? جي حل بدران ڇڪتاڻ جاري رکي ته ان سان غربت ۽ پسماندگي جهڙن ڪيترن ئي چئلينجن کي منهن ڏيڻو پئجي سگ??ي ٿو، جيڪڏهن ڀارت اهو سمجهي ٿو ته هو پاڪس??ان کي دٻاءُ ۾ آڻي سگ??ي ٿو ته هو تمام وڏي غلطي فهمي ۾ مبتلا آهي، ڪشمير تي اسان جو موقف تبديل نه ٿيندو، پاڪس??ان ڀارت سان ان وقت تائين ڳالهيون نه ڪندو جيستائين هو والاريل ڄمون ۽ ڪشمير جي خصوصي حيثيت بحال نٿو ڪري. اهڙن خيالن جو اظهار هن استحصال ڪشمير ڏهاڙي جي موقعي تي آز??د ڄمون ۽ ڪشمير جي گادي واري شهر مظفرآباد مهاجر ڪيمپ ٺوٺا ۾ پناهگيرن کي خطاب ڪندي ڪيو. ان موقعي تي آز??د ڄمون ۽ ڪشمير جو صدر سردار مسعود خان، آز??د ڄمون ۽ ڪشمير جو وزيراعظم سردار عبدالقيوم خان نيازي، وفاقي وزير ڊاڪٽر فهميده مرزا، پارلياماني سيڪريٽري ثوبيه ڪمال به خطاب ڪيو جڏهن ته قومي اسي??بل?? ميمبرن ڊاڪٽر نوشين، رخسانه نويد، ظل هما، غزاله سيفي، آز??د ڪشمير جو چيف سيڪريٽري شڪيل قادر خان، سينئر ميمبر بورڊ آف روينيو فياض علي عباسي، اطلاعات وارو سيڪريٽري مدحت شهزاد، آءِ جي پوليس سهيل حبيب تاجڪ ۽ ٻيا به موجود هئا. صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته پاڪستاني عوم جون دليون ڪشمير سان گڏ ڌڙڪن ٿيون، جيستائين ڪشمير آز??د نه ٿيندو تيستائين اسان سک سان نه ويهنداسين. ڪشميري?? جي جدوجهد دهشتگردي نه پر آز??د ۽ عوامي راءِ حاصل ڪرڻ جي جدوجهد آهي، گڏيل قومن به غاصب ۽ ظالم جي خلاف آز??دي جي تحريڪ?? جي اجازت ڏي ٿو. پاڪس??ان جي ڪوشش آهي ته ام?? جي ذريعي ڪشمير مسئلي جو حل ٿئي جڏهن ته هندس??ان جنگ جي ڪوشش ڪندو آهي پر ان کي خبردار ڪريون ٿا ته ايئن سوچي به نه، بالاڪوٽ وارو واقعو سڀني کي ياد آهي، هن چيو ته هندس??ان پنهنجي تاريخ مٽائي ڪوڙ تي ٻڌل تاريخ لکڻ چاهي ٿو پر تاريخ ڪڏهن به ناهي مٽجندي، هندس??ان جي غلط فهمي آهي ته ڪشميري ڪمزور ٿي ويندا، آز??دي جو جذبو دلين ۾ هوندو آهي ۽ اهو جذبو صدين تائين ختم نٿو ٿي سگ??ي. صدر چيو ته پاڪس??ان طاقت کي مسئلي جو حل نٿو سمجهي پر ا?? جي باوجود پاڪس??ان تي ٽي جنگيون مڙهيون ويون، هندس??ان ڪوڙ ۽ پروپيگنڊا جي ذريعي پاڪس??ان کي بدنام ڪرڻ جي ناڪام ڪوشش ڪندو آهي، هو جيڪو مرضي ڪري وٺي ڪشميري?? جي جذبي کي ختم نٿو ڪير سگ??ي، ان ۾ ايتري جرئت نه آهي جو اسان جو مقابلو ڪري سگ??ي، هن چيو ته ڀارت جي حڪومت جو تعصب آر ايس ايس ۽ هندو توا جي عڪاسي ڪري ٿو ڀارت والاريل ڪشمير جي ڊيمو گرافي تبديل ڪري رهي آهي ته جئين هو اتي هندوئ?? جي اڪثريت ثابت ڪري سگ??ي. صدر چيو ته ڪشميري?? جي سفير عمران خان دنيا کي هندس??ان جي اصليت ڏيکاري آهي، ڪشميري?? جي جدوجهد 1947ع کان به پهري?? جي آهي، 1989ع کانپوءِ هڪ لک کان وڌيڪ ڪشميري شهيد ٿي چڪا آهن، 20 هزار ڪشميري عورتون بيواهه ٿيون، هڪ لک 8 هزار ڪشميري ٻار يتيم ٿيا، 12 هزار ڪشميري مائرن ڀينر?? جي عزت لٽي وئي، هن چيو ته پاڪستاني فوج دنيا جي ڪامياب ترين فوج آهي، پاڪ فوج جنهن انداز سان ان خطي ۾ امن لاءِ ڪوششون ڪيون آهن اهڙا مثال نٿا ملن، ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته جڏهن پاڪس??ان ٺهيو ته ان وقت طئي ڪيو ويو ته مسلم اڪثريتي علائقا پاڪس??ان جڏهن ته هندو اڪثريتي علائقا هندس??ان ۾ شامل ٿيندا، ان وقت ڪشمير جي خلاف سازش ڪئي وئي ته ڪشميرين پنهنجي خودمختياري واري حق لاءِ جهاد شروع ڪيو ته هنددس??ان گڏيل قومن ۾ هليو ويو ۽ گڏيل قومن ۾ هندس??ان جي ان وقت دنيا کي ڏيکارڻ لاءِ ڪشميري?? جي خودمختياري واري حق کي تسليم ڪيو پر ا?? جي نيت خراب هئي، هن چيو ته عمران خان ۽ پاڪس??ان تحريڪ انصاف جو خواب هو ته ڪشمير جو مسئلو حل ٿئي، اسان امن چاهيون ٿا جنهن کي غلط سمجهيو ويو. هن چيو ته هندس??ان پنهنجي قوم سان ڪوڙ ڳالهائي ۽ بيوقوف بڻائي دوکو ڏيندو آهي، هندس??ان جا قدم آر ايس ايس ۽ هندو توا جي 100 سال پراڻي ڪهاڻي جا عڪاس آهن، ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته جيستائين ڪشمير جو مسئلو حل نٿو ٿئي تيستائين ڪشميرين سان گڏ بيٺل آهيون.