اسلام آباد – 15 اپريل (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته پاڪستان ميڊيڪل ڪميشن آن لائين منصوبو صحت جي نظام جي لاءِ هڪ وڏو قدم هوندو، سڄي پاڪستان ۾ اويڪيوٽرسٽ بورڊ جي زمين رعايتي قيمت تي نجي شعبي ۾ اسپتال جي تعمير لاءِ مهيا ڪئي ويندي، يونيورسل هليٿ ڪارڊ سان پاڪستان ۾ صحت جي شعبي ۾ انقلاب ايندو. وزيراعظم پي ا??م سي آن لائن سسٽم جو افتتاح ڪيو، وزيراعظم کي پي ا??م سي بابت بريفنگ ڏني وئي. اهو نظام صحت جي شعبي کي 21 هين صدي جي گهرجن سان هم آهنگ ڪندو، وزيراعظم پي ا??م سي آن لائن سسٽم جاري ??رڻ تي ٽيم کي مبارڪباد ڏيندي چيو ته ان جديد نظام سان ميڊيڪل ڪاليجز جي ڪارڪردگي بهتر ??رڻ ۾ مدد ملندي. هن چيو ته ماضي ۾ غريب ماڻهو جي لاءِ صحت جون سهولتون مشڪل هيون، اسان صحت ڪارڊ جاري ڪيو، پنجاب ۾ هلندڙ سال جي آخر تائين هر خاندان کي صحت ڪارڊ ڏنو ويندو، خيبرپختونخوا ۾ 100 سيڪڙو آبادي کي اها سهولت حاصل آهي، وزيراعظم چيو ته جمهوريت جي فروغ لاءِ ميرٽ جو اهم ڪردار هو، جڏهن ته ان جي مقابلي ۾ بادشاهت ميرٽ نه هجڻ جي ڪري پوئتي رهجي وئي، هن چيو ته پي ا??م سي نظام ايڪهين صدي ۾ پنهنجي صحت جي نظام کي وٺي وڃڻ ۾ اهم اڳڀرائي ثابت ٿيندي، پهريون ڀيرو ريگوليٽري جي سامهون ڊاڪٽر، شاگرد پيش ڪيا ويا، بدقس??تي سان پاڪستان ۾ ميڊيڪل ڪاليجز جي هيستائين جي ڪارڪردگي هيٺ وڃي رهي آهي، بدقس??تي سان ريگوليٽري جو ڪم نه ٿي رهيو هو، افرادي قوت جو معيار ڪمزور ٿي رهيو هو، وزيراعظم چيو ته دنيا ۾ پاڪستان جي ميڊيڪل ڪاليجز جي هڪ ساک هئي، تنهن هوندي به آهستي آهستي دنيا اسان جون ڊگريون در ??رڻ شروع ڪيون، تڏهن وڏو سبب ريگوليٽرز جو نه هجڻ هو، هاڻي ريگوليٽر ڪم شروع ڪيو ته اسان جي ملڪ لاءِ اهم قدم هوندو، ان شعبي جو تعلق سنڌو سنئون عوام جي زندگين سان آهي ان لاءِ ان ۾ ڪوتاهي نٿا ڪري سگهون، انهن کي ريگوليٽ ??رڻ ضروري آهي.