اسلام آباد – 14 – جنوري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان ماحولياتي تحفظ جي ??هميت تي زور ڏيندي چيو آهي ته ماحولياتي آلودگي جا اثر وڏن شهرن ۾ خطرناڪ حد تائين پهچڻ کان پهرين اسان کي وقت سر قدم کڻڻا پوندا، ماحولياتي آلودگي هڪ خاموش قاتل آهي، سمورن صوبن ۾ وڻڪاري ??هم جي ??والي سان قدم کنيا وڃن ۽ گرين ايرياز جي ??حفظ لاءِ جامع حڪمت عملي ۽ نگراني جو طريقيڪار جوڙيو وڃي، لينڊ رڪارڊ جي ڊجيٽلائيزيشن سان تعميرات جي ??عبي ۾ بهتر منصوبابندي ۽ قبضا مافيا کي جهڪائڻ ۾ نمايان بهتري سامهون ايندي. هن اهڙن خيالن جو اظهار هائوسنگ، تعميرات ۽ ڊولپمينٽ بابت قومي رابطا ڪميٽي جي هفتيوار اجلاس جي ??دارت ڪندي ڪيو.