اسلام آباد – 23 – ڊ??مب?? (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته معاشري جي سڃاڻپ ڪمزور طبقي سان ٿيندڙ سلوڪ سان ڪئي و??ندي آهي، اسلام آباد پوليس کي نئين پاڪستان وانگر نئين پوليس جي طور تي نظر اچڻ گهرجي، عام شهري کي عزت ڏني وڃي، پوليس کي هيلٿ ڪارڊ جي سهولت ڏينداسين، نيا پاڪستان هائوسنگ ۾ کين قسطن تي گهر ڏنا ويندا، پگهار وڌ??ئڻ تي غور ڪيو ويندو، فوج ملڪي سرحدن ۽ پوليس عوام جي جان ۽ ما?? جي محافظ آهي، حرام پئسو ڪمائيندڙ اڄ عبرت جو نشانو بڻيل آهن، تمام گهڻو پئسو هجڻ جي باوجود ڪڏهن اسپتالن ۾ وڃي رهيا آهن ته ۽ ڪڏهن ملڪ کان ٻاهر، ٻار به ٻاهر ڀڄي و??ا آهن ۽ والد جي چوري لڪ??ئڻ جي لاءِ ڪوڙ ڳالهائڻو پئجي رهيو آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن پوليس لائنز ۾ پاسنگ آئوٽ پريڊ جي تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو.