اسلام آباد – 15 نومبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وز??ر سينيٽر شبلي فراز چي?? آهي ته اڄ گلگت بلتستان جي عوام پنهنجي روشن مستقبل جي لاءِ راءِ ڏيڻ جو جمهوري حق استعمال ڪري رهي آهي، انهن جو جذبو ان ڳالهه کي واضح ڪري ٿو ته اهي تبديلي جا خواهشمند آهن. پنهنجي هڪ ٽوئيٽ ?? سينيٽر شبلي فراز چي?? ته گلگت بلتستان جي عوام پنهنجي ووٽ جي طاقت سان هڪ ڏهاڪي کان انهن تي مڙهيل نا??هل ٽولي کي رد ڪري ڇڏيندي ڇو ته ان ٽولي جي ترجيح ڪڏهن به عوام جي ڀلائي ناهي رهي.