اسلام آباد – 29 آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان سيڙپڪارن لا??ِ انتظامي معاملن کي آسان بڻائڻ جي هدايت ڪندي ان ڳالهه تي زور ڏنو آهي ته تعميرات جي شعبي سان روزگار جا موقعا پيدا ٿيندا ۽ ڪورونا وبا جي ??ري معاشي نقصان ??ي ازالي ۾ مدد ملندي، هو هتي هائوسنگ، تعميرات ۽ ڊولپمي??ٽ بابت قومي رابطا ڪميٽي جي هفتيوار اجلاس جي صدارت ڪري رهيو هو. وزيراعظم ميڊيا آفيس موجب سنڌ جي ??يف سيڪريٽري اجلاس کي آگاهه ڪيو ته 17 اپريل 2020ع کان هيستائين 877 رهائشي ۽ 10 صنعتي منصوبن جي تعمير لاءِ درخواستون مليون آهن، انهن مان 363 منصوبن ??ي اجازت ڏني وئي آهي جنهن جو ڪل تعميراتي ماپو 12 ملين اسڪوائر فوٽ ٺهي ٿو، اجلاس کي آگاهه ڪيو ويو ته صوبي ۾ سيمنٽ، اسٽيل، ٽائلز ۽ سير اميڪ جي وڪري ۾ چڱي خاصو اضافو ڏٺو ويو آهي، اجلاس کي آگاهه ڪيو ويو ته ڪاغذن جي وقت سر جاچ پڙتال لاءِ مانيٽرنگ جو آن لائين نظام موجود آهي، وزيراعظم چيو ته ڪراچي ملڪ جو معاشي مرڪز آهي ۽ ان لاءِ تعميرات جي شعبي ۾ به خاص اهميت رکندڙ آهي.